22 پیر , جنوری 2018

وڌيڪ 13 ڄڻا کنڀي گم ، انگ 60 ٿي ويو، امر سنڌو جي ڀاءُ سميت 6 سياسي ڪارڪن گرفتار، احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا) سنڌ ۾قومي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ٿي ويو، گهرن تي چڙهايون، مختلف علائقن مان وڌيڪ 13 ڪارڪن کنڀي گم، 6 گرفتار، جبري گمشدگين خلاف احتجاجي مظاهرا، جبري طور گم ڪيل ڪارڪنن جو انگ 60 کان وڌي ويو، عدالت ۾50 کان وڌيڪ پٽيشن داخل ٿيل، ان سلسلي ۾مٺي ۾ گهرن تي چڙهايون ڪري ننڍ پيل سماج سڌارڪ پرتاب شيواڻي، ليکڪ ۽ استاد نصير ڪنڀر کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ۽ ڳوٺ ٻٽڙا ۾ چڙهائي ڪري جسقم جي ضلعي صدر عمر انڙ کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، ٽنهي اڳواڻن کي کنڀي گم ڪرڻ بعد ڪٿي به گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي، جنهن سبب وارث سخت پريشاني جو شڪار آهن، گم ڪيلن جي وارثن الزام هنيو آهي ته پوليس گهرن تي چڙهايون ڪري نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن جو ڪوبه ڏس پتو پئجي ناهي پئجي سگهيو، اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪري گهرن جي چوڌيواري جو تقدس پائمال ڪري نوجوانن کي گم ڪيو آهي اسان کي خدشو آهي ته ڪٿي ماريو ويندو، ٻئي پاسي مٺي ٿر جي پوليس واقعي کان مڪمل طور لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي پوليس موجب ته اسان ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي واقعي بابت خبر ناهي، ٻئي پاسي ٿر ۾ اهڙي واقعي بعد خوف ۽ حراس ڇانيل آهي ٿر جي اديبن سول سوسائيٽي جي ماڻهن وڪيلن صحافين سياسي سماجي اڳواڻن اهڙي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،هوڏانهن جسقم آريسر جي ترجمان موجب دادو ضلعي جي نائب صدر عظيم ابڙي کي کنڀي گم ڪيو ويو، ٻئي طرف ٽنڊو محمد خان ۾سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار ۽ پوليس اٽالا شهر جي پير پاڙي، سومرا پاڙي، پيپلز ڪالوني سميت مختلف علائقن کي ڪڙو چاڙهي،  جسقم ضلعي ٽنڊو محمد خان جي جنرل سيڪريٽري جاويد هاليپوٽي، سندس ڀاءُ بابو هاليپوٽي، ڀاڻيجي تيمور هاليپوٽي، جساف جي ضلعي صدر جواد حسين سومري، سندس دوست ببلو کوکر کي گرفتار ڪري ورتو، جسقم اڳواڻن الزام لڳايو آهي ته پوليس اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪري چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي ۽ گرفتار ڪيل اڳواڻن کي کنڀي کڻي گم ڪرڻ کان پوءِ کين ظاهر نه ڪرڻ سان سندن حياتي کي خطرو آهي، ٻئي طرف ميرپورخاص پوليس رات دير سان ڊي ايس پي سيٽلائيٽ ٽائون جي اڳواڻي پوليس اٽالن ميرپورخاص لڳ ڪوري ڳوٺ تي ڇاپو هڻي جسقم جي ڪارڪنن ذوالفقار، سجاد ڪوري، عبدالحفيظ ۽ جواد ، کي گرفتار ڪري غريب آباد ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب جسقم اڳواڻ ۽ ڪارڪن پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي 14 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن طور ملهائڻ جي تيارين جي اطلاع تي پوليس جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي جن کي 14 آگسٽ تي رات جو آزاد ڪيو ويندو. پوليس زريعن موجب گرفتار جوابدارن خلاف اڃا تائين ڪوبه ڪيس داخل ڪرڻ جون هدايتون نه مليون آهن، هوڏانهن جسقم اڳواڻ غلام مصطفيٰ ڪوري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس بيگناهه ڪاڪنن کي گرفتار ڪري رياستي جبر ڪري رهي آهي پوليس ڇاپي دوران عورتن ۽ ٻارن کي به تشدد جو نشانون بڻايو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هن مطالبو ڪيو ته غيرقانوني طور گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن عمرڪوٽ ضلعي جي غلام نبي شاھه پوليس سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي عمرڪوٽ جي ضلعي نائب صدر حاجي آچر مري ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري مھر علي سمون کي پٿورو روڊ تان گرفتار ڪري ورتو، پوليس گرفتار ٿيل ٻنهي اڳواڻن کي غلام نبي شاھه ٿاڻي تي آندو، پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي مٿان کان ھدايت ملي آھي ان ڪري ٻنهي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو آھي، پوليس ھٿان گرفتار ٿيل ٻنهي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پ پ سرڪار ايس يو پي پاران 20 آگسٽ تي ڪراچي ۾ اعلانيل سنڌ مارچ کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ايس يو پي ڪارڪنن خلاف ڪارروائي ڪري ڪارڪن گرفتار ڪرائي پئي. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ڄامشورو مان ڪجهه ڏينهن اڳ پراسرا نموني گم ٿي ويل صحافي ۽ بيئڪ آفيسر جي گهرڀاتين پاران سندن بازيابي لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافي غلام رسول برفت جي گهرواري مسمات ممتاز برفت، ظهير حسين جي ڀيڻ ۽ آصف جي امڙ مسمات عظيمان برفت ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڄامشورو مان سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار سندن گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪري صحافي غلام رسول، بنئڪ آفيسر ظهيرحسين ۽ آصف کي زبردستي کنڀي کڻي ويا، جن جو اڃا تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته کين خدشو آهي کنڀجي ويلن جي زندگي کي خطرو آهي. هنن انساني حقن ۽ سنڌ سرڪار سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪري گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ آواز اٿاريو وڃي، هوڏانهن دادو پريس ڪلب جي صدر ولي چانڊيي جي ڀاءُ جي گرفتاري خلاف ڄامشوري ۾صحافين ڪي ڪي بروهي، شاهد خٽڪ، شريف ابڙو،صدرالدين جوڻيجو، علي مراد چانڊيو،علي محمد مگسي،مظهرعظيمي، خالد حسين شاهه، ربنواز ابڙو، آصف کوسو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو، دادو پريس ڪلب جي سڏ تي صحافين پاران هٿن ۾پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي قلم ڌڻين ولي چانڊيو، اصغر لغاري، طارق لغاري، محمد رفيق چني، نياز چانڊيو، ولي محمد لنڊ، گاجي خان منڱريو، جاويد لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميهڙ ۾صحافين پريس ڪلب جي صدر جاويد سومرو، محمد علي شيخ، نياز ڀٽي، بدر سهول، مرتضي پنهور، سونو ڏيپر، عامر تيوڻو جي اڳواڻي ۾ ميهڙ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾جبري گمشدگين جو نوٽيس وٺي گم ڪيل ماڻهو آزاد ڪيا وڃن. هوڏانهن رات دير سان ميرپورخاص ۾ جسقم اڳواڻ ۽ ليکڪا امر سنڌو جو ڀاءُ نجف لغاري، ٺٽي مان جسقم اڳواڻ عمران خشڪ ۽ نواب شاهه مان جسقم صدر مسعود شاهه کي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار کنڀي ويا.03

هي به ڏسي سگهو ٿا

زينب ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

قصور/لاهور (م ڊ) پنجاب پوليس زيادتي جو شڪار زينب جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے