20 خميس , سيپٽمبر 2018

نواز شريف تي آرٽيڪل 6 لڳايو وڃي، نومبر ڊسمبر ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون: عمران خان

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسان جي پارٽي هڪ مافيا خلاف جنگ ۾ وڏي جدوجهد ڪئي، پاناما ڪيس جي جدوجهد ۾ هڪ سال لڳو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمهوريت جي نالي تي ڊڪٽيٽر شپ خلاف فيصلو آيو، اسان جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪنٽينر تي چڙهياسين، هي ڇا جي لاءِ ڪنٽينر تي چڙهي رهيا آهن؟ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته ن ليگ سرعام چئي رهي آهي ته عدالت جو فيصلو قبول ناهي، اهي بليڪ ميلر آهن، وفاقي حڪومت به انهن جي، پنجاب حڪومت به انهن جي، اهي پوءِ به ڪنٽينر تي چڙهي رهيا آهن، اهي عدالت جو فيصلو نه مڃي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا؟ سندس چوڻ هو ته سڄي ن ليگ هڪ خاندان کي بچائڻ ۾ لڳي پئي آهي، انهن تي ته آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي لڳي رهيو آهي ته هاڻ معاملو چونڊن ڏانهن وڃي رهيو آهي، سڄي پارٽي کي چونڊن جي تياري ڪرائي رهيا آهيون، 13 آگسٽ تي پي ٽي آءِ شيخ رشيد سان گڏجي راولپنڊي ۾ وڏو جلسو ڪندي، 14 آگسٽ کان پارٽي ميمبر شپ شروع ڪنداسين. عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان نواز شريف کان وڌيڪ عوام گڏ ڪري ڏيکارينداسين، ماڊل ٽائون سانحي تي طاهر القادري جي حمايت ڪيون ٿا.هن چيو ته نومبر، ڊسمبر ۾ عام چونڊن جي تياري ڪري رهيا آهيون. نواز شريف جيتري به ڪوشش ڪري پر کيس نئون اين آر او نه ملندو. نواز شريف اها ئي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. جيڪا مودي پاڪستان خلاف ڳالهائيندو آهي. ماڻهن جي رستن تي اچڻ سان ڇا چوري جو پئسو جائز ٿي ويندو. اسان جو ڪو به ڪارڪن ريلي جي مخالفت نه ڪندو. ڪارڪنن کي جهيڙي کان روڪيو اٿم. ريلي شروع ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ماڻهو پاڻ ئي هليا ويندا. نواز شريف پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۽ فوج تي تنقيد ڪري رهيو آهي. هو عوام کي رستن تي آڻي نواز شريف پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۽ فوج تي تنقيد ڪري رهيو آهي. هو عوام کي رستن تي آڻي نئب تي دٻاءُ نه ٿو وجهي سگهي. ماڊل ٽائون بابت جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ پڌري ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف جي مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ن ليگ جي عمران خان تي ذاتي حملن جي سخت مذمت ڪندي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته تحريڪ انصاف عمران خلاف گندي سياست کي مڪمل طور رد ڪري ٿي. اسپيڪر جاچ لاءِ آزاد پارلياماني ڪميشن قائم ڪري. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے