19 جمعہ , جنوری 2018

شهيد نذير عباسيءَ جو ورثو

آڪٽوبر انقلاب صدين جي بيٺل طبقاتي سماج کي ٽوڙيو آهي. جيتوڻيڪ اهو سمورو تاريخ  جو ارتقائي عمل هُيو پرٽين دنيا جي بي پهچ ۽ طبقاتي سماج جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ ماڻهن کي ان کي معجزو مڃيو، ڇاڪاڻ ته هن انقلاب پنهنجي تڪڙي عمل ۾ جيترن ماڻهن، طبقن، قومن ۽ ملڪن کي متاثر ڪيو، شايد ئي انساني تاريخ ۾ ڪنهن انقلاب ايترو تڪڙو متاثر ڪيو هجي.

ان ئي انقلاب جو آواز جڏهن ننڍي کنڊ ۾ پهتو ته تڪڙو ئي اهو آواز سنڌ ۾ به پهتو، ايئن سنڌي ٻوليءَ جو آواز به ان آواز سان شامل ٿيو، جنهن گڏيل آواز اڻ ڳڻين ماڻهن کي اتساهه ڏنو، خاص ڪري انهن ماڻهن کي جن پاڻ کي بيوس ٿي سمجهيو، انهن بيوس ماڻهن مان ٽنڊي الهيار جو اهو عباسين جو گهر به هُئو، جنهن مان شهيد نذير نڪتو.

سنهڙو سيپڪڙو نذير عباسي، جيڪو پهاڙ جهڙو شعور رکندڙ هُئو۽  جبل جيڏي دل رکندڙ هئو. جڏهن سندس آواز سنڌ جي شعور سان گڏ گونجيو ته اهو آمريتي اعوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ويو، آمريتون اونداهيءَ ۾ وڪوڙجڻ  لڳيون، هڪ طرف  طوبن جا گولا ماڻهن جي وات جيان ڳالهائي رهيا هُئا ته ٻئي طرف هڪڙي سنهڙي سيپڙي، چمڪندڙ اکين واري نوجوان جو آواز سنڌيءَ ۾ گونجي اٿيو.

تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوهُه،

اهو لوهي لگن وارو شعور رکندڙ نوجوان شهيد نذير عباسي هُئو، جنهن جي اکين ۾ پلجندڙ اهو خواب جيڪو دنيا کي جاڳائڻ  وارو هُئو ۽ هيڻن کي همٿائڻ وارو هُئو، انهن ئي اکين ۾ ساڀيان کان اڳ بند ٿي ويو، جيڪي اکيون ٻرندڙ ٽانڊن جيان چمڪنديون هيون ۽ روشن سج جيان روش رهنديون هيون، اهي اکيون شهيد نذير عباسيءَ جون هيون، ڀلي اهي نائين آگسٽ اوڻيهه سئو اسيءَ جي اونداهي رات ۾ بند ٿي ويون پر انهن ۾ سُتل خواب اڄ به انهن ساڀيائن جي اوسيئڙي ۾ آهن، جيڪي ساڀيائون شهيد نذير عباسي هر اڀرندڙ سج جي لهڻ کان اڳ ڏٺيون هيون.

اها ڪاري رات جنهن پنهنجو چهرو ته تبديل ڪيو آهي پر اڄ به اُن سُرخ صبح جي اچڻ ۾ اهڙي ئي سگهاري رُڪاوٽ آهي، جهڙي اوڻيهه سئو اسي واري  اها رات هئي، جنهن جي سُرخ لالاڻ وارو صبح ڏسڻ کان اڳ ئي وطن جي ماڻهن ۽ پورهيت طبقي جي آجپي  تان شهيد نذير عباسي شهيد نذير عباسي واريو ويو  ۽ وري اهو صبح ڪڏهن به نه آيو، ڪيئي سج اڀري ۽ الهي ويا، پر نذير عباسيءَ  لاءِ اهو آخري سج هئو، جيڪو اڄ تائين نه اڀريو آهي ۽ جڏهن نذير عباسيءَ بابت سوچجي ٿو ته ڀٽائيءَ جي هيءُ سٽ اکين آڏو اچيو وڃي.

سج سڀاڻي جا ڪري، سائي ساميءَ روءِ،

نذير عباسي جيڪو سياسي ذهن ۽ شاعراڻي دل رکندو هُئو، سندس دل جڏهن اونداهيءَ جي رکوالن بيها ڇڏي هُئي، تڏهن به ان ۾ ڪيترائي آجپي جا گيت ۽ پورهيتن جي آجپي جا آدرش زندهه هُئا، جيڪي اڄ به سندس ياد اچڻ تي وري زندهه ٿي پون ٿا.

شهيد نذير عباسي، انساني ذات لاءِ اهو ورثو آهي، جيڪو انسان طبقاتي آجپي تاريخ ۾ جي علامت طور سدائين زندهه رهڻو آهي، پڪ سان انسان ذات ۽ ان جا پيڙيل طبقا ۽قومون ان ورثي تي فخر ڪنديون پر سنڌ لاءِ اهو اهڙو فخر آهي، جهڙو صوفي شاهه عنايت شهيد جهڙو شهيد بختاور آهي ۽ انکانپوءِ هڪ ڊگهو سلسلو آهي.

اسان کي اميد آهي ته ڪائي به راوڻ جهڙي رات رهڻي نه آهي، پرهه ڦٽڻي آهي ۽ سُرخ سُورج  سڀاڻي سُوراج ماڻڻ وارو آهي، جڏهن اهو سج اڀرندو ته پڪ سان ان جي لالاڻ مان اسان کي نذير عباسي مرڪندي نظر ايندو.

۽ اهڙو سج ضرور اڀرڻو آهي.  جيڪو پاڻ سان گڏ هڪ نئين روشني کڻي ايندو، جنهن روشنيءَ جي سفر ۾ نذير عباسي پنهنجو ساههُ ته ڏنو پر پوين جو ويساهه جاڳائي ويو۽ چئي ويو ته…

پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو، اڀ تائين جهوليندو،

 اهڙو ڏينهن به ايندو.

اربع  9  آگسٽ  2017ع،  16 ذوالقعد  1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ پوليس جا بهترين آفيسر ۽ اڻ گهڙيل بدمعاش آفيسر

سنڌ پوليس ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. گهڙيل ۽ اڻ گهڙيل. بهترين ۽ بدمعاش. عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے