22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اسپاٽ فڪسنگ: خالد لطيف جو ٽربيونل خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

لاهور(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف ٽربيونل اڳيان لکت ۾ آخري دليل جمع ڪرائڻ بجاءِ سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خالد لطيف جي وڪيل بدر عالم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽربيونل طرفان آخري ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 9 آگسٽ تي پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ پي سي بي ۽ ٽربيونل خلاف قانوني قدم ۽ انهن جي دائري اختيار جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. وڪيل بدر عالم جو چوڻ هو ته قاعدي ۽ ضابطي جا بکيا اڊيڙيا پيا وڃن، اسان کي ڪيس وڙهڻ لاءِ پورو موقعو نٿو ڏنو وڃي، ٽربيونل ۾ ٻڌڻي دوران بدسلوڪي ڪئي وئي ۽ حراسان ڪيو ويو. بدسلوڪي ڪرڻ وارن جي نشاندهي جو سوال تي ان چيو ته ڪنهن جو نالو نه کڻنداسين پر 19 مئي جي ڪارروائي جي وڊيو رڪارڊنگ ڏسڻ سان سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے