16 اڱارو , جنوري 2018

ميثاق جمهوريت ۽ جمهوريت

اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف چيو آهي ته هو اڄ به ميثاق جمهوريت تي قائم آهي، في الحال مصلحتن تحت خاموش آهي، وقت اچڻ تي گهڻو ڪجهه ڳالهائندو، هن اهو سوال به اٿاريو آهي ته ڇا؟ هن ملڪ ۾ جنرلن جو ڪڏهن احتساب ٿيو آهي؟.

ٽيون ڏينهن اسلام آباد جي پنجاب هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن جو چوڻ هو ته ملڪ جي مسئلن جو حل صرف ۽ صرف جمهوريت ئي آهي، هن آمريت کي جمهوريت کان بهتر سڏڻ تي اڳوڻي صدر جنرل مشرف تي سخت تنقيد پڻ ڪئي آهي.

ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته بدترين جمهوريت به بهتر آمريت کان بهتر آهي. پاڪستان ۾ گذريل ستر سالن ۾ جمهوريت لوڏن ۾ رهي آهي ۽ ڪڏهن به پاڙون پختيون ڪري نه سگهي آهي. جمهوريت تي جڏهن به ڪو راتاهو لڳو آهي يا ڪنهن آمر اچي اقتدار تي اچي قبضو ڪيو آهي ته ان لاءِ جواز بهرحال ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سياستدانن پنهنجو پاڻ ئي پئي پيدا ڪري ڏنو آهي. بلڪل ايئن اڄ ڪلهه هن ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي.

پاڪستان اندر 90 جي ڏهاڪي ۾ سخت سياسي ڇڪتاڻ جي ڪري عوام جي چونڊيل پنج حڪومتون هڪ ٻئي پٺيان آئيني مدو پورو ڪرڻ کان اڳ  گهر ڀيڙيون ڪيون وينديون رهيون. جن ۾ نوازشريف جون ٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جون ٻه حڪومتون شامل هيون. ان ماجرا کانپوءِ ٻارنهن آڪٽوبر 99ع تي تڏهوڪي جي فوجي سربراهه جنرل مشرف نواز سرڪار جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو ته نوازشريف کي جيل ۽ پوءِ جلاوطني پلئه پئي، جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو ته  نوازسرڪار ۾ ئي جلا وطن هئي، جنهن جي جلاوطني ۾ پڻ واڌ اچي وئي.

انهيءَ جلاوطني واري عرصي ۾ هنن ٻنهي مقبول اڳواڻن لنڊن ۾ باقي سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي سڏائي ميثاق جمهوريت نالي معاهدو ڪيو هو، جنهن جو مقصد اقتدار جي اچڻ جي صورت ۾ هڪ ٻئي خلاف سازشون نه ڪرڻ ۽ هڪ بئي جا پير نه ڪڍڻ تي اتفاق هو. ان ميثاق جمهوريت کان پوءِ ۽ سياسي جماعتن جي ڊگهي جدوجهد جي نتيجي ۾ توڙي محترمه بينظير ڀٽو جي جان جي عظيم قرباني جي نتيجي ۾ مئي 2008ع ۾ جيڪا حڪومت قائم ٿي سا 2012ع جي شروع ڌاري ان وقت تائين قائم رهي، جيستائين ميمو گيٽ  وارو اسڪينڊل سامهون نه آيو. اهو اسڪينڊل سامهون اچڻ تائين پيپلزپارٽي جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ملڪ جو گهڻو وقت وزيراعظم رهندڙ شخص جو اعزاز ملي چڪو هو پر هو به ميمو گيٽ واري اسڪينڊل جي ڪري پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري نه سگهيو هو. ميمو گيٽ ۾ ميثاق جمهوريت جي به ڀڃڪڙي ڪندي نوازشريف گيلاني خلاف ڪارو ڪوٽ پائي عدالت وڃي پهتو هو، سو هاڻي جڏهن پاناما وارو معاملو ظاهر ٿيو ته ان لاءِ گهڻ ماڻهن اهو پئي چيو ته ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ .

پاناما واري ڪيس ۾ جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي شريف خاندان خلاف عدالت ۾ نه وئي هئي پر سمجهو اهو ٿي ويو ته نوازشريف جي گيلاني خلاف عدالت نه وڃي ها ته شايد اڄ کيس به ايڏي پيماني تي سياسي مخالفت جو منهن ڏسڻو نه پئي ها. بظاهر ميان نوازشريف پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي پنجن ججن جي متفقه فيصلي تحت نااهل ٿيو ۽ سندس جاءِ تي پارليامينٽ اندر آيل تبديلي تحت شاهد خاقان عباسي وزيراعظم بڻيو آهي. سو هن سڄي معاملي ۾ بهتر اها ڳالهه آهي ته ڪو غيرآئيني عمل ٿيڻ بجاءِ جمهوريت جو تسلسل بهرحال برقرار آهي ۽ ايوان هڪ چونڊيل ميمبر جي نااهل ٿيڻ جي جاءِ تي ٻئي ميمبر کي پنهنجو اڳواڻ چونڊيو آهي، جنهن ڪابينا جوڙي پنهنجيون آئيني ذميواريون نڀائڻ شروع ڪيون آهن.

اصل مسئلو پاڪستان اندر جمهوريت جي بقاءَ جو آهي، پاڪستان اڄ جن حالتن کي منهن ڏئي  پيو، تنهن جو ذميوار آمريتون ۽ آمراڻي سوچ ئي آهي. انتهاپسندي هجي، بنياد پرستي هجي، سياسي پارٽين کي ٽوڙي نيون جماعتون قائم ڪرڻيون هجن، اظهار راءِ جي آزادي اڳيان رڪاوٽون هجن يا سياسي ڪارڪنن  جي وٺ پڪڙ ۽ ڏوهه ٻڌائڻ، ايف آءِ آر ڪٽڻ بنا کين گم ڪرڻ هجي، اهي سڀ نتيجا هن ملڪ ۾ ڳچ عرصي تائين آمريتون رهڻ جا ئي آهن.

جمهوريت جيئن ته عوام جي راءِ جي نتيجي ۾ قائم ٿئي ٿي، جن به سماجن ۾ جمهوريتون مضبوط آهن، يا جيڪي معاشرا حقيقي معنيٰ ۾ جمهوري آهن، تن ۾ انسان پنهنجي اظهار ۾ آزاد آهن. سندن سياسي راءِ تي به ڪا پابندي نه آهي ۽ نه ئي وري چونڊيل حڪومتن مٿان تلوار لٽڪيل هجڻ جو رواج آهي. سو ميثاق جمهوريت تي عمل ملڪ ۽ جمهوريت جي مستقبل لاءِ لازمي آهي، ملڪ کي ڪهڙي دڳ لائجي؟ تنهن جو فيصلو بهرحال پارليامينٽ ۽ عوام جي چونڊيل جمهوري حڪومتن کي ئي ڪرڻ گهرجي.

سومر  7  آگسٽ  2017ع،  14 ذوالقعد  1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

2018ع  ۽ عام چونڊون ؟

پاڪستان ۾ 2018ع ۾ عام چونڊون ٿي رهيون آهن. اهو 2008ع ۽ 2013ع کانپوءِ ٽيون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے