18 اربع , جولاءِ 2018

سنڌي ادبي سنگت لاءِ احترام ضروري آهي

سترهن آڪٽوبر جي عظيم انقلاب کان متاثر نوجوانن گڏيل  هندستان ۾ اوڻيهه سئو ڇٽيهن ۾ انجمن ترقي پسند مُصفين جوڙي هُئي، جنهن ۾ هڪ نوجوان سنڌي حشو ڪيولراماڻيءَ به شريڪ ٿيو هُئو، ممڪن آهي حشوءَ جي ڪوشش سان، اوڻيهه سئو ستيتاليهن ۾ سنڌي ادب جي نهايت اهم نالي پروفيسر  منگها رام ملڪاڻيءَ جي صدارت هيٺ ٿيل هڪ اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيو ويو. هيءُ سال ٻه هزار سترهن آهي ۽ سنگت ستر سالن جي ٻُڍڙي ٿي چُڪي آهي، پر جيئن ته هيءَ سندس ستر، هون جنم ڏينهن به آهي، ان ڪري ٿوري ۾ اهو چوڻ  ٺيڪ آهي ته ستر سالن ۾ هن آدرشي تنظيم چڱائي سکيا توڻي ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن پر اڄ به هوُءَ ڪيترن نوجوانن جو آدرش آهي، اهو سندس جوڙجڪ/بيهڪ جو ڪمال ئي آهي.

سنڌي اديبن جي، هن ملڪ کان پهرئين  جڙيل هن تنظيم، جڙڻ کان وٺي اڄ تائين جيڪو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جو مثال هن کنڊ جي ٻين ادبي تنظيمن ۾ نمايان آهي، هن اديبن جي تنظيم جي باني پروفيسر منگارام ملڪاڻي، نارائڻ شيام، شيخ اياز، ٻين ۽ ساڳئي وقت پهرئين سيڪريٽري جنرل گوبند مالهيءَ کان وٺي اڄ تائين رهندڙ سيڪريٽرين جي اڪثريت هن تنظيم کي انهن ئي آدرشن ۽ اصولن تحت هلايو آهي، جنهن سبب ئي هن ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ان جو ادب جي واڌ ويجهه لاءِ نهايت رول رهيو آهي.

هيءَ سنڌي اديبن جي پهرئين ۽ شايد آخري به تنظيم آهي. جنهن سان اهي سڀ سنڌي اديب جيڪي روشن خيال، ترقي پسند، وطن دوست ۽ سنڌي ادب لاءِ جاکوڙيندڙ هئا يا آهن، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان لاڳاپيل رهيا آهن ۽ انهن پنهنجون علمي، عملي توڻي نظرياتي نيڪ خواهشون کيس ارپيون آهن.

شايد سنڌي اديبن جي هيءُ پهرئين اها تنظيم آهي، جيڪا عالمي ادب توڻي نظرين ۾ آيل اٿل پٿل تي نظر رکندي ۽ انهن جا اثر قبوليندي، ترقي پسنديءَ، وطن دوستي ۽ روشن خياليءَ جي رستي تي هلندي آئي آهي.

جيتوڻيڪ مختلف وقتن تي ائين به ٿيندو رهيو آهي ته سنگت، الڳ الڳ نظرين جي وچ ۾ نظرياتي ۽ آدرشي طور چيڀاٽبي به رهي آهي پر سنگت جيئن ته هڪ ترقي  پسند، روشن خيال، سيڪيولر ۽ وطن دوست اديبن جي تنظيم رهي آهي، ان ڪري اهي سڀ اديب ۽ عالم انهيءَ کي پنهنجي اعليٰ شعور جي روشني ڏيئي اڄ اتائين زندهه ۽ روشن رکندا آيا آهن.

سنگت جا جيئن ٻيا مقصد آئيني طور چٽا آهن، ايئن اُن جي چونڊ جو طريقو به آئين ۾ چٽو آهي.

اڄ جڏهن ستر سالن جي شاندار ۽ روشن تاريخ رکندڙ هن تنظيم جي چونڊ ٿي رهي آهي ۽ ان چونڊ جي جيڪا سرگرمي نظر اچي رهي آهي، اها ٻڌائي ٿي  ته اڄ به سنڌ جي روشن ضمير اديبن لاءِ سنگت نهايت اهميت رکندڙ تنظيم آهي،.

هن موڙ تي سنڌ جي اديبن کي جڳائي ته اُهي سڀ پنهنجي بزرگن جي جوڙيل هن تنظيم کي اهو ئي مرتبو عطا ڏين ۽ ان جي جوڙيل اصولن، قانونن ۽ آدرشن کي اوليت ڏيندي ان سان پنهنجي نه ٽٽندڙ لاڳاپي جو مظاهرو ڪن.

۽ اهو لاڳاپو اهو آهي ته سڀ اديب پنهنجي، گروهي ۽ شخصي پاسخاطرين کان مٿاهان ٿي، فقط ۽ فقط سنگت  جي آدرشن، اصولن ۽ قائدن کي اهميت ڏين ۽ انهن جي مرياداکي مرتبو ڏين، کين لاءِ اهم اهو نه هجڻ گهرجي ته سندن گروهه چونڊ  ۾ کٽي سوڀارو ٿئي ۽ پوءِ هارايل گروهه کي اهو احساس ڏياري ته هو ئي سڀ ڪجهه آهن، کين ڏسڻ فقط اهو گهرجي ته بنيادي طور سنگت، ان جا اصول ۽ آدرشن ئي سڀ ڪجهه آهن.

جيتوڻيڪ چونڊيل گروهه يا هاريل گروهه وٽ اهو احساس ئي نه هجڻ گهرجي ته هو الڳ  آهن يا هڪٻئي کان مٿاهان آهن، سندن مٿاهون ڪردار ٻن سالن جي ان عرصي ۾ ڏسي سگهبو جيڪو عرصو هڪ کان ٻي چونڊ تائين جي وچ وارو عرصو آهي، ان ۾ سندن ڪيل سنگت جي آدرشن ۽ اصولن جي دائري ۾ آيل ڪم ئي ٻڌائيندو  ته ڪير سنگت جو  ڪيترو  گهڻ گهرو آهي.

ساڳئي وقت چونڊن ۾ ووٽ ڏيندڙ اديب پڻ پنهنجي ضمير موجب، سنگت جي آدرشن موجب، ڪنهن به گروهي  مفادن کان مٿاهون  ٿي ووٽ ڏئي ڇاڪاڻ ته هو اديب آهي، هو ادب جو نمائندو آهي،  قوم ۽ ٻوليءَ جو نمائندو آهي، ان ڪري سندس آڏو گروهي مفادن کان ادب، قوم ۽ ٻوليءَ جا مفاد وڌيڪ اهم هجڻ گهرجن.

ايئن هو نه صرف پنهنجي ضمير جي سجاڳيءَ جو ساکي ٿيندو پر  پنهنجي ادب، قوم ۽ ٻوليءَ  جي روشن مستقبل جو به ساکي ٿيندو، پڪ سان اهڙن ئي روشن ضمير اديبن، شاعرن ۽ عالمن کي قومون، ٻوليون ۽ ڌرتيون مٿاهون مرتبو ڪنديون آهن.

سنڌي ادبي سنگت ۾ ايئن ڪم ڪرڻ وارن کي سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جيڪو مان ڏنو آهي، اهو  اڄ ستر  سالن گذرڻ کانپوءِ به  تاريخ سان گڏ اسان جي شعور ۾ روشن آهي، اڄ به جڏهن انهن جو نالو زبان تي يا قلم جي قط تي اچي ٿو ته اسان جو ڪنڌ سندن  احترام ۾ جهڪي وڃي ٿو.

اڄ جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪو به سنڌي نوجوان اهڙو ڪردار ادا ڪندو ته پڪ سان سڀاڻي جو نوجوان اديب، شاعر کيس اوتري ئي آبرو/مانُ ڏيندو، جيترو ُهن پنهنجي بزرگن کي ڏنو آهي. اهو نه وسارڻ گهرجي ته عمل سان ئي سڀ ڪجهه بڻبو آهي، جنت به جهنم به….

آچر  6  آگسٽ  2017ع،  13 ذوالقعد  1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ووٽ کان انڪاري ووٽرن تي بااثر اميدوارن جو تشدد..

2018ع جي چونڊن جون سرگرميون سڄي ملڪ ۾ جاري آهن ۽ اتفاق اهو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے