22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عائشه گلالئي کي 25 ڪروڙ رپين جو نوٽيس، احتساب ڪميشن به سرگرم

فيصل آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف عهديدارن جي عائشه گلالئي تي الزمان تي احتساب ڪميشن حرڪت ۾ اچي ويو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف ڪارڪنن عائشه گلالئي خلاف 25 ڪروڙ رپيه ڏنڊ جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي عائشه گلالئي تي الزامن کانپوءِ ڪي پي احتساب ڪميشن معاملي جو جائزو وٺڻ لاءِ عائشه گلالئي جي اڳوڻي معاون نورزمان خان سان رابطو ڪيو آهي جنهن تي هن احتساب ڪميشن کي جواب ڏنو آهي ته وٽن سموريون شاهديون موجود آهن. احتساب ڪميشن طرفان دستاويز ڏسڻ بعد ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. صوبائي وزير ڪي پي شوڪت يوسفزئي هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته عائشه گلالئي تي لڳندڙ سمورن الزامن جون شاهديون به موجود آهن ۽ شاهديون به آهن، مٿس لڳل الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے