18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف جي نااهلي سبب اقتصادي راهداري رٿا غير يقيني جو شڪار ٿي وئي آهي: چيني ماهر

بيجنگ( ويب ڊيسڪ ) چيني ماهرن چيو آهي ته نواز شريف جي نااهلي سان پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا غير يقيني جو شڪار ٿي وئي آهي. چيني اخبار جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سياسي تبديلين سبب سي پيڪ متاثر ٿيڻ جو خدشو  وڌي ويو آهي. چيني اخبار جو چوڻ آهي ته عدالت طرفان نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ جي فيصلي سبب سي پيڪ رٿا غير يقيني جو شڪار ٿي وئي آهي، پاڪستان جي سياسي پارٽين ۾ به رٿا جي اولهه ۽ اوڀر جي روٽ کي اوليت ڏيڻ تي اختلاف آهن. چيني اخبار موجب نواز شريف اوڀر جي روڊ يعني پنجاب ۽ سنڌ جي روٽ کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو تنهن ڪري خدشو آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن 2018ع جي چونڊن ۾ ناڪام ٿي ته رٿا غير يقيني جو شڪار ٿي سگهي ٿي ۽ 50 ارب ڊالرن جي رٿا جي ڪجهه حصن جي جاچ به ٿي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٻن ڏينهن جي پهرين سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے