25 سومر , جون 2018

45 ڏينهن لاءِ 44 وزيرن جي ڪابينا

ملڪ جي نئين وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جنهن کي حڪمران نواز ليگ 45 ڏينهن لاءِ وزيراعظم مقرر ڪيو آهي، تنهن  جي 44 ميمبرن تي ٻڌل نئين وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ڪالهه صدر ممنون حسين جي هٿان قسم کڻي ورتو آهي. نئين ڪابينا ۾ 28 وفاقي وزير ۽ 19 مملڪتي وزير آهن. حڪمران نواز ليگ پهريون ڀيرو پرڏيهي وزارت جو مڪمل قلمدان ڏنو اهي، جڏهن ته توانائي جي ترقي لاءِ نئين وزارت پڻ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سنڌ، خيبرپختونخواهه مان ٽي ٽي وزير جڏهن ته فاٽا ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ وزير کنيو ويو اهي. جڏهن ته ڏکڻ پنجاب مان 8 وزير کنيا ويا آهن. نون وزيرن ۾ ناڻي جو وزير اسحاق ڊار، پرڏيهي وزير خواجا محمد آصف، گهرو وزير احسن اقبال، بچاءَ جو وزير خرم دستگير، ريلوي جو وزير سعد رفيق ۽ بچاءَ جي پيداوار جو وزير رانا تنوير، مذهبي معاملن جو وزير سردار محمد يوسف، مواصلات حافظ عبدالڪريم، مملڪتي وزيرن ۾ سڌسماءَ لاءِ  مريم اورنگزيب، ڪشمير مامرا دانيال عزيز، قومي صحت پاليسي سائرا تارڙ، آءِ ٽي انوشي رحمان، جنيد انور مواصلات، طارق فضل چوڌري کي ڪيڊ جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. ٻين وزيرن ۾ حاصل خان بزنجو، برجيس طاهر، زاهد حامد، ڄام ڪمال، امين الحسنات، عابد شير علي، غلام مرتضي جتوئي، پرويز ملڪ، اويس لغاري، اڪرم دراني، رياض پيرزادو، جاويد علي شاهه، عبدالقادر بلوچ، سڪندر حيات ٻوسڻ، محسن شاهنواز رانجها، ڪامران مائيڪل، بليغ رحمان، پير صدرالدين راشدي، اياز شيرازي، ڊاڪٽر درشن لال، جعفر علي، عبدالرحمان ڪانجو ۽ ٻيا شامل آهن.

ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز نئين وفاقي ڪابينا ۾ وزير بدران مملڪتي وزير بڻائڻ تي پارٽي قيادت کان ناراض ٿي ويو آهي.مخالفن تي وار ڪندڙ دانيال عزيز کي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ڪابينا ۾ مملڪتي وزير طور شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر هو مملڪتي وزير بڻائڻ تي ڪاوڙجي پيو آهي.دانيال عزيز پارٽي قيادت کان ناراضگي سبب هن پنهنجي عهدي جو قسم به نه کنيو ۽ نه ئي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن سبب سندس سندس سيٽ خالي رهي.ٻئي طرف دانيال عزيز ناراضگي وارن خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته  سندس ناراضگي وارن خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.هن چيو ته هو پارٽي ۾ نواز شريف جو ساٿي آهي ۽ هو دل سان سندس لاءِ ڪم ڪندو رهندو.ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو ته هو قيادت جي هر فيصلي کي قبول ڪندو.

اصولي طور ملڪ جي وزيراعظم جنهن کي سندس پارٽي ڏيڍ مهيني لاءِ مقرر ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو آهي، تنهن کي ايڏي وڏي ڪابينا جي بدران ننڍڙي ڪابينا ٺاهڻ گهرجي ها ته جيئن روز روز جي ڪابينا جي بدلين ۽ مقررين تي ايڏا وڏا خرچ نه ڪري سگهجن ها.

ڇنڇر  5 آگسٽ  2017ع،  12 ذوالقعد  1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڪامور ا شاهيءَ جون وڏي پئماني تي ٿيل بدليون

سرڪاري ملازم لاءِ اصول ته اهو هوندو آهي ته اهو شخصيتن جي تابع ٿيڻ بدران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے