22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عاصمه جهانگير کي پنهنجي بيانن جي نظرثاني ڪرڻ گهرجي: لاهور هاءِ ڪورٽ بار

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر چوڌري ذوالفقار ۽ سيڪريٽري آفتاب باجوه چيو آهي ته عاصمه جهانگير کي پنهنجي ڏنل بيان جي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، عاصمه جهانگير ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي علمبردار رهي آهي. هنن لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عاصمه جهانگير ملڪ جي ناليواري قانوندار آهي ان کي پاناما فيصلي تي عدالتن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. سيڪريٽري جنرل آفتاب باجوه جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، حڪومت جي چوڻ تي سياستدانن ۽ ضرورتمند وڪيل عدليه خلاف تحريڪ شروع ڪري رکي آهي، عدليه ڏانهن وڌندڙ ٽنگون ٽوڙيون وينديون،  هن چيو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي عهدارن جي بيانن جي مذمت ڪيون ٿا، بار جا ميمبر عدالت جي باري ۾ بيان ڏيڻ کان پاسو ڪن ۽ عدليه خلاف بيان ڏيندڙن کي معافي گهرڻ مهلت ڏيون ٿا،

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے