21 جمعو , سيپٽمبر 2018

راجگال آپريشن: سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي اهم ٿاڪ کي خالي ڪرائي ڇڏيو

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) راجگال ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي اهم ٺڪاڻي کي ڪليئر ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن کي سرحد پار ڪرڻ لاءِ رستي طور استعمال ڪيو پئي ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن رد الفساد پلان موجب جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ راجگل ۾ آپريشن خيبر فور دوران اهم ٿاڪن کي ڪليئر ڪرايو ويو آهي جنهن کي ٽرانزٽ روڊ ذريعي استعمال ڪيو پئي ويو. ٻئي طرف ڪور ڪمانڊر پشاور طرفان آءِ جي ايف سي ڪي پي سان علائقي جو دورو پڻ ڪيو ويو. ترجمان جو چوڻ آهي ته ايف سي بلوچستان جشن آزادي جي موقعي تي دهشتگرد حملن جي رٿابند يکي به ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، زوب ۾ ڇاپو هڻي مددگار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته دستي بم، بارود ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے