19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڀارت پاڪستان سان امن بابت شروعات ڪئي: ڀارتي پرڏيهي وزير

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج چيو آهي ته ڀارت پاڪستان سان امن بابت شروعات ڪئي. ڀارتي پرڏيهي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر پراڻو راڳ آلاپيندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ ڳالهيون سان گڏ نٿا هلي سگهون. راجيا سڀا ۾ ڳالهائيندي سشما سوراج چيو ته پاڪستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، گڏيل ڳالهين جي ڳالهه ٿي، پرڏيهي سيڪريٽرين ۾ ملاقات به ٿي، وزير اعظم مودي ته لاهور به ويو. سشما سوراج چيو ته ڳالهه اتان ئي خراب ٿي جڏهن پٺاڻ ڪوٽ جو واقعو ٿيو ۽ ۽ نواز شريف برهان واني جون تعريفون ڪيون ۽ برهان واني کي مجاهد ۽ شهيد قرار ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چين به آمريڪي شين تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين به آمريڪي شين تي 60 بلين ڊالر واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے