22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

مولا بخش چانڊئي طرفان ن ليگي اڳواڻ طلال چوڌري کي وزارت ملڻ تي واڌايون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ن ليگي اڳواڻ طلال چوڌري کي مملڪتي گهرو وزير جو قلمدان ملڻ تي مبارڪ ڏيندي دلي خواهشن جو اظهار ڪيو آهي ته دانيال عزيز کي به ان جي پسند جي ملڻ گهرجي. پ پ پ اڳواڻ دانيال عزيز طرفان بحيثيت مملڪتي وزير حلف نه کڻڻ واري معاملي تي صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف ۽ ان جي ڪٽنب خلاف پاناما ليڪس ڪيس ۾ دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري جهڙي ريت ان جو دفاع ڪيو ان جي نظير نٿي ملي. هن چيو ته ان خدمت جي عيوض طلال چوڌري کي مملڪتي وزير جو قلمندان ملڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو پر مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن دانيال عزيز مملڪتي وزير بدران وفاقي وزير بڻجي ته ان جي اها خواهش پوري ڪرڻ گهرجي ڇو ته دانيال عزيز پاناما ڪيس دوران پنهنجي ٻولي کي شريف خاندان جي دفاع جي لاءِ استعمال ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے