26 اربع , سيپٽمبر 2018

عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ)  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عائشه گلالئي جي الزامن تي پارلياماني ڪميٽي جوڙي جاچ ڪئي وڃي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته  گار گند ڪري ايوان جي عزت ۾ گهٽتائي نه آڻڻي آهي پر ان جي عزت وڌائڻي آهي. هن چيو ته عمران خان تي عائشه گلالئي جيڪي الزام هنيا تنهن جي جاچ ڪري معاملو ختم ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته عائشه گلالئي معاملي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته  جن تي الزام لڳو تن جي به عزت ڪن ٿا ۽ جن الزام هنيو تن جي به عزت ڪن ٿا. هن چيو ته عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ لاءِ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جوڙي وڃي جنهن جي ڪارروائي پبلڪ نه ڪئي وڃي، بند ڪمري ۾ جاچ ٿي ۽ معاملي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن عائشه گلالئي وفاقي سرڪار کي سڪيورٽي لاءِ خط لکيو آهي ته کيس ضرور سڪيورٽي ڏني ويندي، آءِ جي اسلام آباد ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر عائشه گلالئي کي سڪيورٽي فراهم ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے