24 جمعہ , نومبر 2017

آمريڪي پابنديون جوهري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، چُپ نه ويهنداسين: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا طرفان لاڳو ڪيل نين پابندين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ايران چيو آهي ته اهي پابنديون 2015ع ۾ ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ٿيل جوهري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، اسان ان جو جواب ڏينداسين. ايران جي ڊپٽي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سرڪاري ٽي وي تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جو مڃڻ آهي ته جوهري معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي ۽ اسان ان تي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪنداسين. عباس عراقچي جو اهو بيان آمريڪي صدر جي صحيحن کانپوءِ نين پابندين کي قانون ۾ تبديل ڪرڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان يقيني طور آمريڪي پاليسي ۽ ٽرمپ جي ڄار ۾ نه ڦاسنداسين، سوچ ويچار کانپوءِ ردعمل ظاهر ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوماليا الشباب خلاف ڪاررواين لاءِ آمريڪا کان مدد گهري ورتي

موغاديشو (ويب ڊيسڪ) صوماليا جي حڪومت آمريڪا کان درخواست ڪئي آهي ته شدت پسند گروهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے