26 اربع , سيپٽمبر 2018

سرڪاري لاپرواهي جو شڪار مُهين جو دڙو:زرار پيرزادو

مُهين جي دڙي جو هيءُ ماڳ نه رڳو سنڌ، نه رڳو پاڪستان پر دنيا جو تهذيبي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، ان عالمي تهذيبي ورثي کي بچائڻ لاءِ سنڌ، پاڪستان ۽ باقي دنيا ڪيترو سنجيده آهي، تنهن جو جائزو وٺڻ بيحد ضروري آهي.

مُهين جي دڙي جي کنڊر جي تحفظ لاءِ حڪومتي سطح تي جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري وئي آهي اچو ته تنهن جو جائزو پيش ڪيون پر ان کان اڳ ۾ اچو ته ڏسون ته مُهين جو دڙو ڪيئن دريافت ٿيو

مُهين جو دڙو ڪيئن ۽ ڪنهن دريافت ڪيو:

عام تاثر اِهو  رهيو آهي ته مُهين جو دڙو سرجان مارشل ڳولهي هٿ ڪيو هو، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سرجان مارشل 1922ع ۾ مُهين جي دڙي جي کوٽائي جي شروعات ضرور ڪئي هُئي پر ان جي دريافت جو سهرو صرف ۽ صرف اي آر ڊي بئنرجي ڏانهن وڃي ٿو.

مُهين جي دڙي جي کنڊر جي دريافت ٿيڻ جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته اي آر ڊي بئنرجي نالي ڀارت جي آرڪيالاجسٽ سنڌ ۾ گوتم ٻڌ جي اسٽوپائن جي ڳولها ڪري رهيو هو، يعني سروي پئي ڪئي ته تعلقي ڏوڪري جي هڪ ٻيلي ۾ هن کي پري کان اسٽوپا نما آثار نظر آيو، اهو اسٽوپا 2 صدي عيسوي ۾ راجا واسديو جي حڪومت جي ڪشان دور جو ٺهيل آهي، اهو اسٽوپا، گوتم ٻڌ جي عبادت گاهه آهي، يعني مُهين جي دڙي واري تهذيب جي تباهي کان 16 سئو سال پوءِ جي تعمير آهي. اها اسٽوپا، مُهين جي دڙي جي ماڻهن جي هٿن جي ٺهيل ناهي، اُها ٻي ڳالهه آهي ته اهو اسٽوپا مُهين جي دڙي جي سڃاڻپ جو پهريون وڏو نشان طور سڃاتو ويندو آهي. انهيءَ اسٽوپا تي تحقيق ڪندي اي آر ڊي بئنرجي کي محسوس ٿيو ته هن اسٽوپا کان علاوه زير زمين ڪو قديم شهر به دفن ٿيل آهي. هن اها خبر سرجان مارشل کي ٻڌائي جيڪو تڏهن ڀارت جي آرڪيالاجي کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل هو. هيءُ سال 1917 جو واقعو آهي. جڏهن ته سرجان مارشل پوءِ 1922ع کان 1927ع تائين مختلف سالن ۾ هن دڙي جي کوٽائي ڪئي ۽ موجوده مُهين جي دڙي جي کنڊر کي دريافت ڪيو..

مُهين جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ آرڪيالاجسٽ:

سرجان مارشل جي نگراني ۾ ٿيل کوٽائي ۾ اسٽوپا وارو ايس ڊي ايريا، اسٽوپا جي ڏکڻ وارو ايل ايريا،  اسٽوپا جي اوڀر ۾ ڊي ڪي ايريا، وي ايس ايريا، ايڇ آر ايريا ۽ منير ايريا ظاهر ٿيا. انهن ايرياز کي  جن ماهرن مختلف وقتن ۾ کوٽيو ته اهي سندن نالن سان ئي منسوب ڪيا ويا. جهڙوڪ  ايس ڊي ايريا ماڌو وئٽس ۽ ايڇ آر ايريا هار گوويز جي نالن سان سڃاتا وڃن ٿا. سر جان مارشل کانپوءِ مُهين جي دڙي تي ٻي وڏي کوٽائي 1927ع -31 تائين جي ايڇ مئڪاءِ ڪئي. هن ڊي ڪي ايريا ۽ ايل ايريا ۾ ڪجهه واڌو ڪم ڪيو. 1950ع ۾ ٽين وڏي کوٽائي سر مارٽيمر ويلر ڪئي. ويلر جيئن ته هڙاپا ۾ به  ڪم ڪيو هو، سو تنهن مُهين جي دڙي مان اناج جو گودام، حفاظتي ديوار ۽ گريٽ باٿ کوٽي دريافت ڪيا. مُهين جي دڙي جي چوٿين وڏي کوٽائي 1965ع ۾ آمريڪي آرڪيالاجسٽ جارج ايف ڊيلس ڪئي جيڪا 1965ع جي جنگ سبب پوءِ اڌ ۾ ڇڏي وئي. 1974ع ۾ وري جرمني جي آرڪيٽيڪٽ مائيڪل جانسين مُهين جي دڙي ۾ اڏيل گهرن تي تحقيقي ڪم ڪيو.انهن کوٽاين تي تحقيق کانپوءِ مُهين جي دڙي تي ڪا وڏي کوٽائي يا نمايان تحقيق نه ٿي سگهي آهي.

مُهين جي دڙي جي سنڀال جا ٽي وڏا دور:

مُهين جي دڙي جي دريافت  ۽ کوٽائي کانپوءِ  ان کي سنڀالڻ جا بنيادي طور تي ٽي دور رهيا آهن. هڪ اهو دور جڏهن 13 آگسٽ 1947ع تائين مُهين جو دڙو  ڀارت نالي ملڪ جو قديم تهذيبي ماڳ هو، ٻيو جڏهن پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ وفاقي آرڪيالاجي کاتي جي نگراني هيٺ آيو ۽ ٽيون هاڻوڪو دور جڏهن پ پ آصف زرداري جي گذريل وفاقي حڪومت ۾ ارڙهين ترميم تحت آرڪيالاجي کاتو وفاق کان الڳ ٿي سنڌ صوبي جي حصي ۾آيو.

مُهين جي دڙي لاءِ سڀ کان بهتر دور ڪهڙو رهيو:

مُهين جي دڙي لاءِ سڀ کان سنهري دور پاڪستان ٺهڻ کان اڳ وارو هو. ان دور ۾ مُهين جو دڙو  دريافت به ٿيو ۽ سڀ کان گهڻي کوٽائي ۽ تحقيق به ان دور ۾ ئي ٿي. انهيءَ دور م مُهين جي دڙي جي موجوده ظاهر ٿيل کنڊر جي کوٽائي ٿي.

وفاق جي دور ۾مُهين جي دڙي کي ڇا مليو ۽ ڇا کسيو ويو:

پاڪستان ۾ جڏهن وفاقي آرڪيالاجي کاتو قائم ٿيو ته پهريون ته ” موهن جو دڙو Mohen jo Daro “ مان نالو مٽائي ان جو سرڪاري نالو ” موئن جو دڙو “ رکيو ويو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان  جهڙي اسلامي ملڪ اهو مناسب نه سمجهيو ته ان جي ملڪ جي ڪنهن تهذيبي ماڳ جو نالو ڪنهن هندو جي نالي سان سلهاڙيل هجي سو موهن بدران ” موئن جو دڙو“ نالو رکيو ويو، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ الميو اهو آهي ته مُهين جي دڙي ڏانهن پيشوراڻو يا تاريخي رويو نه رکيو ويو. اسان جا پاڪستاني  آرڪيالاجسٽ ان ورثي کي ڪافرن جو ورثو ڄاڻيندا  هُيا ۽ اهي چوندا هئا ته  جنهن کي خدا غرق ڪيو آهي تنهن کي انسان ڪيئن  ٿو بچائي سگهي؟ پاڪستاني آرڪيالاجسٽن خاص ڪري غير سنڌي آرڪيالاجسٽن جن دڙي تي رڳو ملازمت ڪئي ۽ پگهارون کنيون پر ان کي بچائڻ جي جوڳي ذميواري ادا نه ڪئي.

جيڪڏهن يونيسڪيڪو مُهين جي دڙي کي عالمي ورثي ( World Heritage ) جو درجو نه ڏي ها ته پاڪستاني آرڪيالاجسٽ ته مُهين جي کنڊرن کي بچائڻ هڪ  وڏو پاپ سمجهي ان کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري ڇڏين ها. مُهين جي دڙي ڏانهن پاڪستاني آرڪيالاجسٽ جو جيڪو رويو رهيو آهي تنهن جو هي مثال ملاحظه فرمايو:

1987ع جو واقعو آهي. يونيسيڪو جي ماسٽر پلان تحت مُهين جي دڙي جي کنڊر کي اوڀر ۾ موجود سنڌو درياهه جي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بچاءُ بند تي پٿرن جي پچنگ جو پراجيڪٽ تيار ڪيو ويو، يعني بچاءُ بند جي بنيادن ۽ پاسن ۾ پٿر وجهڻا هُيا ته  جيئن ٻوڏ جو پاڻي ڪچي بند کي ڀڃي نه وجهي۽ ٻوڏ جو پاڻي مُهين جي دڙي جي کنڊر کي ٻوڙي نه وجهي. جڏهن ان منصوبي تحت پنجين اسپر لاءِ علائقو کوٽيو ويو ته مُهين جي دڙي جا نوان نڪور آثار ظاهر ٿي پيا، مقامي انتظاميا ڇا ڪيو جو انهن نون آثارن کي بلڊوز سان ڀڃي ڊاهي ڇڏيو. هاڻي انهن لڪير جي فقيرن کان ڪير پڇي ته توهان کي مُهين جي دڙي جي کنڊرن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ اهو اسپر ٺاهڻ جو چيو ويو هو پر کوٽائي ۾ خوش نصيبي سان نئون مُهين جو دڙو دريافت ٿيو هو ته ان کي بچائڻ بدران اوهان اُهو ڪيئن بلڊوز ڪري ڇڏيو؟ جيڪڏهن اوهان نئين مُهين جي دڙي جي آثارن کي بلڊوز  ڪري سگهو  پيا ته پوءِ پراڻن آثارن کي بچائڻ جي  ڀلا ڪهڙي ضرورت هئي. ڀلي ٻوڏ ۾ لڙهي وڃن ها. انهن عقل جي انڌن اڪابرن کي جيئن ته کوٽائي ڪري اسپر ٺاهڻ جو چيل هو، سو انهن حڪم پورو ڪيو پر مُهين جي دڙي کي بچائڻ جي مقصد  ۽ ان مقصد جي  روح کي نه سمجهيو.

 

وفاق جي سڄي دور ۾ مُهين جي دڙي سان اهڙو مجرماڻو رويو اختيار ڪيو ويو ، وري به ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومتي دور ۾ سياحتي سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سياحن لاءِ مُهين جي دڙي تي ايئرپورٽ ٺاهي وئي. 1974ع ۾ مُهين جي دڙي تي عالمي سيمينار ڪوٺايو ويو. مُهين جي دڙي جي تحفظ لاءِ الڳ مُهين جو دڙو پرزرويشن اٿارٽي به ٺاهي وئي پر ڀٽي کانپوءِ مُهين جي پرزريشن اٿارٽي مُهين جي دڙي جي  ”Destruction “ اٿارٽي بڻجي وئي.

يونيسيڪو جي ماسٽر پلان تي عمل نه ڪيو ويو. کنڊرن هيٺان سم جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ 52 ٽيوب ويل دڙي جي چوڌاري لڳائڻ جو چيو ويو، جن مان صرف 27 ٽيوب ويل لڳا، تن مان به اڪثر ناڪارا ۽ خراب رهيا، سم کي چوسڻ لاءِ مُهين جي کنڊرن جي چوڌاري سم چوسيندڙ وڻ لڳائڻ جو پراجيڪٽ تيار ڪيو ويو، جنهن تي عمل نه ٿيو. ڀٽي کانپوءِ مُهين جي دڙي جي سياحن لاءِ ڪي سهولتون به نه بچيون هيون. ضياءَ جي دوري  ۾ ڌاڙيلن جي راڄ سبب پرڏيهي سياحن مُهين جي دڙي  ڏانهن اچڻ ئي ڇڏي ڏنو  هو. مطلب ته وفاقي حڪومت مُهين جي دڙي کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي تنهن ڪري سنڌي ميڊيا ۾ آرڪيالاجي کاتو  وفاق کان وٺي سنڌ صوبي جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو  زور وٺي ويو.

آخر ڪار اهو مطالبو يا سنڌين جو اهو خواب 2008ع ۾ پ پ جي چونڊجي آيل وفاقي حڪومت ۾ تڏهن پورو ٿيو. جڏهن ارڙهين ترميم تحت ڪيترائي کاتا وفاق کان صوبن جي حوالي ٿيا. آرڪيالاجي کاتو به انهن مان هڪ هو.

مُهين جي دڙي ڏانهن سنڌ سرڪار جو رويو:

مهين جي دڙي ڏانهن سنڌ سرڪار جو رويو ڪهڙو رهيو آهي.  سنڌ آرڪيالاجي کاتي ، آرڪيالاجي جي ماهرن ۽ انهن صحافين کان راءِ وٺنداسين جن سڄي ڄمار مُهين جي دڙي جي رپورٽنگ ڪئي آهي ۽ جن وفاق توڙي سنڌ صوبي جي ماتحت هلندڙ قديم آثارن جي کاتن جي ويجهو  کان ڪارڪردگي ڏٺي آهي.

سڀ کان اڳ ۾ اسان آرڪيالاجي کاتي سنڌ جي موجوده ڊائريڪٽر جنرل منظور احمد ڪناسري سان رابطو ڪري سندس موقف معلوم ڪيو ته هن وڏي فخر ۽ اعتماد سان ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۾ مُهين جي دڙي لاءِ وفاقي حڪومت کان نه رڳو بهتر ڪم ٿيو آهي پر حقيقي معنيٰ ۾ مُهين جي دڙي جي وارثي به ٿي آهي. ڪناسري صاحب ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۾ مُهين جي دڙي لاءِ نه فنڊن جو مسئلو رهيو آهي ۽ نه ئي پراجيڪٽن جو، جڏهن ته ماضيءَ مُهين جي دڙي جي تحفظ لاءِ گهربل فنڊ دستياب نه هوندا هُيا. سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جو تفصيلي ذڪر ڪندي ڪناسري  صاحب ٻڌايو ته اسان پهريون ڪم اهو ڪيو جو هڪ ” ايگزيڪيوٽو بورڊ“ ٺاهيوسين جنهن جو مقصد اهو هو ته مُهين جي دڙي بابت ڪو فرد واحد نه پر بورڊ فيصلو ڪري، مُهين جي دڙي لاءِ فنڊ به ان بورڊ جي حوالي آهن ته جيئن ضرورت موجب اهو انهن پيسن کي استعمال ڪري سگهي  ۽ اهو ڪنهن آڏو محتاج ناهي، سو فنڊن جو ته هاڻي ڪو مسئلو ئي ناهي. هن چيو ته چئوماسي جي  موسم ۾ پوندڙ برساتن جي روشنيءَ  ۾ به هڪ پراجيڪٽ موجود آهي. جنهن تحت برسات کان اڳ ۽ برسات کانپوءِ مُهين جي دڙي تي ڪم ٿي سگهي. اهو پراجيڪت مستقل آهي. يعني مُهين جي دڙي کنڊر کي برسات کان بچائڻ لاءِ هڪ مستقل طور پراجيڪٽ موجود آهي. هن چيو ته مُهين جي دڙي جي  ( Topo grapy ) سروي به ڪرائي وئي آهي. ڊائيڪو ڊرلنگ ذريعي مُهين جي دڙي جي اونهائي معلوم ڪئي وئي آهي. سياحت جي سهولتن لاءِ به پراجيڪٽ آهن. ڪناسري صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته مُهين جي دڙي جي پرزرويشن ۽ ڪنزرويشن تي به مسلسل ڪم هلندو رهندو آهي. ان کان علاوه انڊس اسڪرپٽ کي سمجهڻ لاءِ قديم ٻولين جي ماهرن جي هڪ ٽيم ٺاهي وئي آهي. جيڪا مُهين جي اسڪرپٽ تي ڪم ڪري رهي آهي. مُهين جي دڙي جي بچاءَ جا مختصر توڙي ڊگهي وقت جا منصوبا  پڻ جوڙِيا ويا آهن. ان کان علاوه اينٽي ڪوئيٽي جنرل به شايع ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ مُهين جي دڙي تي ٿيندڙ تحقيق تي ٻڌل ريسرچ پيپر شايع ٿيندا آهن. تازو مُهين جي دڙي تي مُهين جو  دڙو سيمينار ڪوٺايو ويو، جيڪو 1974ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کانپوءِ ان نوعيت جو ڪرايل ٻيو عالمي سيمينار هو. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪناسري صاحب چيو ته کنڊرن هيٺان موجود پاڻي کي ختم ڪرڻ وارو پراجيڪٽ بند ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ان سان ويتر کنڊرن کي نقصان پيو رسي. ٻيو ته يونيسيڪو مُهين جي دڙي تي تيستائين ڪنهن وڏي کوٽائي ڪرڻ کان روڪيو آهي جيستائين کوٽيل قديم آثارن جو مڪمل طور تي تحفظ نٿو ڪيو وڃي. جيستائين قديم آثارن کي مڪمل طور محفوظ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه اچبو تيستائين نيون کوٽايون ڪري نون کنڊرن کي کوٽي انهن کي غير محفوظ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.

ان سوچ تي مون کي مُهين جي دڙي جي عاشق ۽ ان جو ڪيس وڙهندڙ سينئر صحافي انور پيرزادي صاحب جو اهو موقف ٿو ياد اچي جنهن هڪ مضمون ۾ لکيو هو ته جيستائين اسان ۾ مُهين  جي دڙي جي کنڊر کي بچائڻ جي شناس ۽ صلاحيت پيدا ٿئي، تيستائين اسان کي مُهين جو دڙو ڀلا ورائي دفن ڪري ڏيو، ڇاڪاڻ ته زمين جي مٿاڇري تي ظاهر ٿيل کنڊر اُس، هوا، برساتن طوفانن ۽ انساني لتاڙ ۾ تباهه ئي ٿي رهيا آهن، ۽ يونيسڪو به اڄ ان پاليسيءَ تي هلندي وڌيڪ کوٽائي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

مُهين جي دڙي جي مجموعي تحفظ جي حوالي سان جڏهن قديم آثارن جي سينئر ماهر حاڪم علي شاهه بخاريءَ کان پڇيو ويو ته سنڌ سرڪار کي قديم آثارن جو کاتو ملڻ کانپوءِ  مُهين جي دڙي جي کنڊر کي ڪو فائدو رسيو آهي يا نه ته حاڪم علي شاهه بخاريءَ وراڻيو ته:

قديم آثارن جو کاتو سنڌ کي ملڻ سان مُهين جي دڙي کي ظاهري طور تي ڪو وڏو فائدو ملندي نظر نٿو اچي، ها البته مُهين جي دڙي تي هن سال عالمي سيمينار ضرور ٿيو آهي، جهڙو ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿيو هو، جڏهن هي کاتو وفاق  وٽ هو ته تڏهن مُهين جي دڙي لاءِ فنڊ گهٽ هوندا هيا. ان حساب سان کنڊر تي ڪم ٿيندو  هو جيڪو ظاهر آهي ته اطمينان جوڳو نه هو پر ڪم بهرحال ٿيندو هو ۽ تڏهن مُهين جي دڙي تي آرڪيالاجي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو ڪم ڪندا هيا.هاڻي جڏهن هي کاتو سنڌ کي مليو آهي ته هڪ سٺي شئي نظر آئي آهي ته ماضيءَ  جي ڀيٽ ۾ مُهين جي دڙي لاءِ فنڊ ججها آهن پر جيترا پيسا آهن اوترو  ڪم نٿو ٿئي. ان جو سبب اهو آهي ته آرڪيالاجي جو کاتو سنڌ ثقافت جي حوالي آهي. جيڪي آرڪيالاجي جا ماڻهو ناهن جڏهن ته هن شعبي ۾ آرڪيالاجي جا ماهر ماڻهو هئڻ گهرجن.  هن اُميد ظاهر ڪئي ته هي کاتو آرڪيالاجي جي ماهرن جي حوالي به ٿيندو ۽ پوءِ سٺي ڪم جي اميد ڪري سگهبي. هن البته آرڪيالاجي کاتو سنڌ صوبي کي ملڻ تي خوشي جو اظهار به ڪيو.

مُهين جي دڙي تي  1980ع کان رپورٽنگ ڪندڙ صحافي ۽ ليکڪ لطف پيرزادي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته اسان کي خوشي آهي ته آرڪيالاجي کاتي کي وفاق کان سنڌ جي حوالي ڪرڻ واري عمل ۾ سنڌي پريس  جي جدوجهد جو هڪ يادگار ڪردار آهي. پر في الحال مُهين جي دڙي کي فائدو ناهي ملي سگهيو. هن چيو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ فنڊ گهڻا آهن ۽ سياحتي سهولتون به ماضي جي ڀيٽ ۾ گهڻيون آهن پر مُهين جي دڙي جي کنڊرن جي بچاءُ تي ڪو جوڳو ڪم نه ٿيو آهي. کنڊر جي پرزويشن يا ڪنزرويشن  تي آرڪيالاجي جي معيار تحت ڪو ڪم ناهي ٿيو. ڇاڪاڻ ته کاتي ۾ آرڪيالاجي جا ماهر ماڻهو ناهن. هن چيو ته جتي وفاق ڪم ڇڏيو، سو اتي جو اتي موجود آهي. مُهين جي کنڊر تي نه ڪا کوٽائي ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي مناسب ڪنزرويشن جيڪي وفاق جي دور ۾ يونيسڪو جي ماسٽر پلان تحت ڪم ٿيندا هيا، سي به بند ٿي چُڪا آهن.

وفاقي آرڪيالاجي کاتي جي ماتحت ڪم ڪري رٽائرڊ ٿيندڙ سينئر آرڪيالاجسٽ قاسم علي قاسم جنهن سڄي ڄمار سنڌ ۾ ملازمت ڪئي تنهن کان جڏهن وفاق ۽ سنڌ جي آرڪيالاجي کاتي  جي ڪارڪردگيءَ بابت پڇيو ويو ته قاسم علي قاسم ٻڌايو ته: جڏهن وفاق وٽ آرڪيالاجي کاتو هو ته مُهين جي دڙي لاءِ فنڊ ۽ پراجيڪٽ گهڻا هوندا هيا ۽ اهو دور ئي هو جنهن ۾ مُهين جي دڙي کي ” عالمي ورثو“ قرار ڏياريو ويو، پر اها به حقيقت آهي ته تڏهن مُهين جي دڙي ڏانهن مالڪيءَ جو تصور نه هو مان اڪثر نٿو چوان پر ڪجهه اهڙا به آفيسر مُهين جي دڙي تي مقرر ٿيا جن صرف نوڪريون ڪيون پر مُهين جي دڙي کي ايئن پنهنجو ورثو نه سمجهيو  جيئن سنڌي سمجهندا آهن ان ڪري سنڌين جو اهو مطالبو هو ته آرڪيالاجي کاتو صوبي سنڌ کي ڏنو وڃي. هاڻي سنڌ کي آرڪيالاجي جو کاتو مليو آهي ته قديم آثارن ڏانهن مالڪيءَ جو احساس پيدا ٿيو آهي پر جيئن ته پيشي ور ۽ آرڪيالاجي جا ماڻهو مقرر ناهن تنهن ڪري مُهين جي دڙي جي قديم آثارن جي بچاءَ لاءِ اوهڙو ڪم اڃا شروع نه ٿيوآهي. جهڙو وفاقي دور ۾ ٿيندو هو. سياحتي سهولتون برابر اڄ تمام گهڻيون آهن.  پر مُهين جي دڙي جي کنڊرن تي ان جي بچاءَ يا مرمت جو جوڳو ڪم نه ٿو ٿئي. ايستائين جو مُهين جي دڙي جي ليبارٽري جيڪا پاڪستان جي آرڪيالاجي ماڳن تي موجود سڀني کان سٺي ۽ معياري ليبارٽري هوندي هئي.  جنهن ۾ اڄ ڪو پيشي ور ماڻهو مقرر ٿيل ناهي. سنڌ سرڪار کي آرڪيالاجي جو کاتو 2011ع ۾ سسئي پليجو جي وزارت ۾ مليو آهي. تنهن کانپوءِ هاڻي سردار شاهه جي ثقافت کاتي جي وزير ٿيڻ کانپوءِ موجوده سال ۾ عالمي سيمينار ٿيو آهي، جڏهن ته وفاقي دور ۾ ان معيار جا ٻه وڏا سيمينار ٿيا هئا. ان کان علاوه يونيسڪو  کان مُهين جي دڙي جي بچاءَ جا وڏي پئماني تي پراجيڪٽ ۽ فنڊ ورتا ويندا هيا. بهرحال قديم آثارن جو کاتو سنڌ کي ملڻ هڪ سٺو عمل آهي. ان سان سنڌ جي قديم آثارن کي مالڪيءَ جو ڏڍ مليو آهي.

خيرپور ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي جو شعبو قائم آهي ۽ اتان هر سال شاگرد ۽ شاگردياڻيون آرڪيالاجي ڊگري ماڻي نڪرندا آهن ۽ ايئن خيرپور يونيورسٽي سنڌ سطح تي آرڪيالاجسٽ پيدا ڪرڻ واري مشين بڻيل آهي. ان يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي پروفيسر مئڊم مستور بخاريءَ کان جڏهن سنڌ جي حوالي ٿيل آرڪيالاجي کاتي ۾ مُهين جي دڙي جي صورتحال تي موقف ورتو ويو ته هن وراڻيو ته سنڌ کي آرڪيالاجي کاتو  ملڻ سان حقيقي معنيٰ ۾ اميد پيدا ٿي آهي ته هاڻي سنڌ جا قديم آثار ڌڻڪا ٿي ويندا. هن چيو ته ثقافت کاتي جي اڳوڻي وزير سسئي پليجو توڙي موجوده  نوجوان وزير سردار شاهه جي دلچسپي نظر اچي ٿي، ظاهر آهي ته اڃا نئون کاتو آهي پر ان کاتي مان پهريون وڏو فائدو اهو رسيو آهي ته مُهين جي دڙي لاءِ هاڻي سٺا فنڊز رکيا وڃن ٿا. جڏهن ته ماضيءَ ۾ وفاق کان اهي ئي شڪايتون هونديون هيون ته اهو مُهين جي دڙي جي تحفظ لاءِ گهربل فنڊ نٿو ڏي. هاڻي فنڊ ملڻ لڳا آهن ته اميد آهي ته ڪم به ٿيندا. اصل ڳالهه اها آهي ته سنڌ جا قديم آثار ان جي مالڪن کي مليا آهن. يعني کاتو سنڌ جي حوالي ٿيو آهي. سنڌي ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي قديم آثارن تي ۽ کاتي ۽ ان جي ڪارڪردگي تي نظر رکندا ته يقينن ان ۾ وقت سان بهتري ايندي ويندي ۽ جيئن جيئن ان کاتي ۾ آرڪيالاجي جا ماڻهو ڀرتي ٿيندا ويندا. تيئن  ان ۾ بهتري ايندي ويندي. في الحال مُهين جي دڙي جي کنڊر تي ڪو جوڳو ڪم ناهي ٿيو پر فنڊ ملڻ ۽ تازو مُهين جي دڙي تي ٿيل عالمي سيمينار کي مان اهم اڳڀرائي تصور ڪيان ٿي ۽ اميد ڪيان ٿي ته سنڌ کي مليل آرڪيالاجي کاتي مان سنڌ جي قديم آثارن کي وفاق واري دور جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فائدو رسندو.

اسان جو خيال آهي ته سنڌ جي قديم آثارن کي وفاق کان وٺي سنڌ صوبي جي  حوالي ڪرڻ وارو فيصلو مُهين جي دڙي توڙي مجموعي طور تي سنڌ جي قديم آثارن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو ۽ ان عمل سان سنڌ جا قديم آثار ڌڻڪا ٿيندا جو آرڪيالاجي کاتو سندس مالڪ يعني سنڌ کي مليو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي تباھ ٿيل سرڪاري تعليم ،گوسڙو استاد ۽ گوسٽ اسڪول

                 سنڌ جيڪو پاڪستان جو خالق صوبو آهي ، ان صوبي جي تعليمي شعبي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے