22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

واشنگٽن اوپن: اعصام الحق جا پهرين ئي رائونڊ ۾ پويان پير

واشنگٽن (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق واشنگٽن اوپن جي ڊبلز ۾ پهرين رائونڊ ۾ ئي شڪست کانپوءِ ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي. ايونٽ ۾ مينز ڊبلز جي شروعاتي مرحلي ۾ اعصام الحق ۽ سندس ڪينيڊين پارٽنر ڊينيئل نيسٽر جو مقابلو آمريڪا جي ڊونلڊ ينگ ۽ ڀارت جي روهن بوپنا سان ٿيو، جنهن ۾ اعصام الحق ۽ سندس ساٿي رانديگر کي اسٽريٽ سيٽن ۾ 2-6 ۽ 3-6 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. واضح رهي ته اعصام الحق هلندڙ سال هال آف فيم ٽينس، انتاليا اوپن، سربٽن ٽرافي، بارسلونا اوپن، آڪلينڊ اوپن جا ڊبلز ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي. کيس ميڪسيڪن اوپن، گران پري ٽينس جي سيمي فائنلز، جڏهن ته اٽلانٽا اوپن جي ڪوارٽر فائنل ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے