24 سومر , سيپٽمبر 2018

بنگلاديشي ماڊل مڙس اڳيان پاڻ ماري ڇڏيو

ڍاڪا (شوبز نيوز) بنگلاديش سان واسطو رکندڙ 22 ورهين جي ماڊل مڙس سان ويڊيو ڪال دوران پکيءَ سان لڙڪي آپگهات ڪري ڇڏيو. دي انڊپينڊنٽ جي هڪ رپورٽ موجب ريسيلا بنت وزير نالي ماڊل جو مڙهه بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا ۾ موجود سندس گهر مان هٿ آيو، جنهن کي فوري طور اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. ريسيلا بنت وزير کي ٽن ورهين جي ڌيءُ جو اولاد به آهي، جيڪا واقعي وقت پنهنجي ناني جي گهر ڪئي. پوليس موجب ماڊل طرفان آپگهات جو سبب سامهون ناهي اچي سگهيو پر ائين لڳي رهيو آهي ته هن پنهنجي شادي شدا زندگي ۾ پيش ايندڙ مسئلن جي ڪري اهڙو قدم کنيو. رپورٽن موجب ريسيلا پنهنجي مڙس سان ويڊيو ڪال دوران سندس اڳيان آپگهات ڪيو. سندس مڙس پوليس کي ٻڌايو ته ريسيلا آخري ڀيرو واٽس ايپ تي پهرين آگسٽ تي ڳالهايو هو. ريسيلا بنت وزير ڍاڪا جي هڪ مقامي يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي. هن ماڊلنگ جي شروعات 2012ع ۾ ڪئي هئي. هوءَ انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي مڙس، ڌيءُ ۽ ماڊلنگ جون تصويرون جاري ڪندي رهندي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے