22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

خالد لطيف شاهدن جي بيانن جا وڊيو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي اينٽي ٽربيونل خالد لطيف جون چارئي درخواستن جو فيصلو ڪري ڇڏيو پر شاهدن جي بيانن جي وڊيو رڪارڊنگ فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث خالد لطيف ۽ پي سي بي کي 26 جولاءِ تي لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻا هئا پر اوپنر 4 درخواستون ڪوريئر ذريعي موڪليندي سوال کنيا، ان تي بورڊ پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن ٽربيونل جي پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ته اوپنر شاهدن جي بيانن جي وڊيو رڪارڊنگ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي جيڪا دير جو سبب ڄاڻائي رد ڪئي وئي، خالد لطيف ان کان پهريان پاڻ ئي ٽربيونل جي ڪارروائي لاءِ پيش ٿيڻ کان پاسو ڪيو، هو پاڻ بائيڪاٽ ڪندو رهيو، هاڻي وڌيڪ جرح جو خواهشمند آهي پر اينٽيڪ رپشن ڪوڊ مطابق ان جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. اوپنر جي هڪ درخواست اها هئي ته ٽربيونل جي ڪارروائي دوران پيش ڪيل پي سي بي جا شاهد ۽ لکل ۾ دليلن جون ڦوٽو ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن، ان درخواست کي قبول ڪندي ڄاڻايل ڪاغذ ڪرڪيٽر کي ڪوريئر ذريعي موڪليا ويا. مختلف معاملن جي تڪميل تائين ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي خالد لطيف کي هدايت ڏئي وئي ته 9 آگسٽ تائين لکت ۾ دليل جمع ڪرائي ڇڏي، جيڪڏهن دير ٿي ته پهريان کان موجود شاهدن جي بنياد تي 30 ڏينهن جي ڏنل وقت بعد هڪ طرفو فيصلو ٻڌايو ويندو. ياد رهي ته خالد لطيف مٿان فڪسنگ سان گڏ ساٿي ڪرڪيٽرن کي ورغلائڻ جو به الزام آهي، ان کي تاحيات پابندي جي سزا ملي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے