22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

مان بي ڏوهه آهيان: اڳوڻي ٿاءِ وزيراعظم

بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم ينگ لڪ شناواترا عدالت اڳيان ورجايو آهي ته مان بي ڏوهه آهيان. 18 مهينن تي ٻڌل عدالتي ڪارروائي ختم ٿيڻ کانپوءِ اڄ هن عدالت کي ٻڌايو ته مان ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو. مٿس چانورن جي هڪ تڪراري سبسڊري اسڪيم جي اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي پر شناواترا ان ڏس ۾ ڪنهن به مجرماڻي غفلت کان انڪار ڪري ٿي. ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي. عدالت 25 آگسٽ تي ان ڪيس جي فيصلو ٻڌائيندي. ينگ لڪ شناواترا کي 2014ع ۾ فوجي بغاوت تحت اقتدار کان ڌار ڪيو ويو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے