19 اربع , سيپٽمبر 2018

وسيم اڪرم اسلام آباد يونائيٽيڊ ڇڏي ڏني، ملتان سان معاهدي تي غور

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم اسلام آباد يونائيٽيڊ کي الوداع چئي ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سوئنگ جو سلطان وسيم اڪرم پي ايس ايل جي ٽيم اسلام آباد يونائيٽيڊ ڇڏي ليگ ۾ نئين شامل ٿيندڙ ٽيم ملتان سان معاهدي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. وسيم اڪرم اسلام آباد يونائيٽيڊ لاءِ مينٽور جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون انجام ڏئي رهيو هو، هاڻ سندس جاءِ تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو هاڻوڪو ڪپتان مصباح الحق ڪپتاني سان گڏوگڏ مينٽور جون ذميواريون به نڀائيندو. هوڏانهن اسلام آباد يونائيٽيڊ انتظاميا اڳوڻي رڪارڊ ساز ڪرڪيٽر يونس خان کان مينٽور جي حيثيت سان خدمتون حاصل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asia Cup: The India-PakistanTournament, the tourists consulting the team

ايشيا ڪپ: پاڪ-ڀارت مقابلي کان اڳ اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان ٽيم کي مشورا

دبئي( اسپورٽس نيوز ) ايشيا ڪپ ٽورنامنٽ جي سڀ کان وڏي مقابلي پاڪ-ڀارت کان اڳ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے