22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

آفريديءَ جي ڌيءُ عماد وسيم جي مداح نڪتي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ اڄڪلهه پنهنجي فائونڊيشن کي وقت ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي ڪمن لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهي. 37 ورهين جو اسٽار آل رائونڊر اڄڪلهه برطانيا ۾ هيمشائر لاءِ ٽي ٽوئنٽي ليگ کيڏڻ ۾ مصروف آهي، ان دوران وقت ملڻ تي هن پنهنجي فائونڊيشن لاءِ چندو جمع ڪرڻ جي حوالي سان هڪ تقريب جو انتظام ڪيو، جنهن ۾ پرڏيهي ڪرڪيٽرن سان گڏوگڏ محمد عامر ۽ عماد وسيم به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته منهنجي صاحبزادي عماد وسيم جي تمام وڏي مداح آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته منهنجي ڌيءَ جي ليپ ٽاپ جو پاسورڊ به ٽي ٽوئنٽي جي نمبر ون بالر جي نالي تي رکيل آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے