23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪابل ۾ عراقي سفارتخاني تي داعش جو حملو ناڪام بڻايو ويو: افغان گهرو وزير

ڪابل (ويب ڊيسڪ): افغانستان ۾ عراقي سفارتخاني تي داعش جو حملو ناڪام بڻايو ويو، ۽ سمورن حملو ڪندڙن کي ماريو ويو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪابل ۾ عراقي سفارتخاني ٻاهران پهريون هڪ آڀگهاتي ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن بعد ٽي جوبدار سفارتخاني جي اندر داخل ٿي ويا، افغان گهرو وزير پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي اهلڪارن جوبدارن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ سمورن جوابدارن کي ماري ڇڏيو، گهرو وزير جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوبدارن ۽ سڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ 4 ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ سڪيورٽي اهلڪار معمولي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سفارتخاني جو سمورو عملو محفوظ رهيو ۽ انهن کي حفاظت سان محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي شدت پسند تنظيم داعش حملي جي ذميوري قبول ڪندي دعويٰ ڪئي آهي، ته ان حملي ۾ 7 سڪيورٽي گارڊ مارجي ويا، پر آزاد ذريعن کان ان دعويٰ جي تصديق ناهي ٿي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے