15 جمعو , ڊسمبر 2017

نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لينگئج تي ميمبر طور مقرري :ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

آءٌ 5 مارچ 2007ع تي ڊاڪٽر مظهر الحق صديقي ۽  امر جليل کي ممبئي ايئرپورٽ تان رسيو  ڪري کين ’هوٽل روز ووڊ‘  ڇڏڻ پئي ويس جو رستي تي سريچند هندوجا جي فون آئي ته ايئرپورٽ تان روزووڊ ويندي آءٌ مهمانن کي به سندن آفيس ۾ وٺي اچان ۽ چانهن پي پوءِ اڳيان وڃون مون پنهنجي مهمانن کان پڇيو؛ هو ته  بلڪل  فريش لڳا پيا هئا ۽ کين ڪنهن به قسم جو اعتراض ڪونه هئو.آءٌ ورليءَ واري ايريا ۾ هندوجا هائوس ٻاهران ڪار بيهاريندي کين مٿي سريچند هندوجا  جي آفيس ۾ وٺي وڃي ٻنهي کي ساڻن ملايو.

سريچند هندوجا، پنهنجي ورلي، ممبئيءَ واري آفيس ۾ اسان جو گرمجوش  استقبال ڪيو ۽ سائين مظهر صديقي ۽ امر جليل  سان ڳالهيون ڪيون. ان بعد آءٌ ٻنهي  کي ڀرسان ئي ’هوٽل روز ووڊ‘ ۾ پهچائي ايندڙ  ڏينهن واري سيمينار  جي تيارين لاءِ کانئن موڪل وٺي وڃي پنهنجي ڪم کي لڳس.

6 مارچ 2007ع تي سنڌي شعبي، ممبئي يونيورسٽيءَ طرفان جيڪو انٽرنيشنل سيمينار ٿيڻو  هئو. ان لاءِ دراصل گورنر آف مهاراشٽرا، چيف گيسٽ ٿي اچڻو هئو، پر پوءِ کيس ضروري ڪم سان دهليءَ وڃڻو پيو ته اسين ان جي جاءِ  تي دادا رام ڄيٺملاڻي صاحب کان قبوليت وٺندي کيس مکيه مهمان ڪري گهرايو. اهم ڳالهه اها هئي ته هي هڪ انفرادي نوعيت جو سيمينار هئو، جنهن ۾ يونيورسٽيءَ جا ٽيئي اعليٰ  افسران؛ وائيس چانسلر ڊاڪٽر وجئه کولي، پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اي .ڊي.ساونت ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر جينت دگهي  آيا هئا.

دادا رام ڄيٺملاڻي صاحب ته خاص اسان جي سيمينار لاءِ دهليءَ مان آيو هئو ۽ سيمينار اٽينڊ ڪري پنهنجي دوست سريچند هندوجا وغيره سان ملي سيمينار جي هال تان ئي دهلي موٽي ويو هئو، سائين رام بخشاڻي به صرف اسان جي سيمينار لاءِ ئي دبئيءَ مان پيپر پيش ڪرڻ آيو هئو.

6 مارچ 2007ع تي صبح ٿيندي ئي ممبئي يونيورسٽي، ڪالينا ڪيمپس جي ’مراٺي ڀاشا ڀون‘ (ايئرڪنڊيشنڊ آڊيٽوريم) ۾ هڪ شاندار ماحول لڳو پيو هئو، جتي ممبئيءَ مان معزز شهري اچي ڪٺا ٿيا هئا. سنڌ مان سائين مظهر الحق صديقي ۽ امر جليل، دبئيءَ  مان رام بخشاڻي، انگلنڊ مان سريچند هندوجا، ممبئيءَ  مان فلم پروڊيوسر پهلاج نهالاڻي، اشوڪ هندوجا، چندرو رهيجا، گووند درياناڻي، ڊاڪٽر ايل.ايڇ. هيرا ننداڻي، نرنجن هيراننداڻي، انيل  هريش، نانڪ روپاڻي، رام جوهراڻي ۽ چندر منگهناڻي؛ دهليءَ مان هندوستان جو سابق وزير قانون رام ڄيٺملاڻي، پونا مان ڪشو مسکاڻي ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ جا اعليٰ افسران وائيس چانسلر ڊاڪٽر وجئه کولي، پرو وائيس چانسلر  ڊاڪٽر اي ڊي ساونت، رجسٽرار ڊاڪٽر جينت ڊگهي؛ جيڏانهن نهار ته اعليٰ  مدبر، عالم ۽ ودوان پئي نظر آيا!

اسان جي انٽرنيشنل سيمينار جو عنوان هئو.  جديد دور ۾ سنڌيت جي وابستگي؛ ان جو  افتتاح ڪرڻ لاءِ سمورن مهمانن جي هٿن سان ڏيا ٻاريندي علم جي شمع روشن ڪرڻ سان اسين پنهنجي سيمينار جو آغاز ڪيوسين ، افتتاحي اجلاس جو استقباليائي خطبو ، پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر،اي .ڊي.ساونت ڏيڻ فرمايو. هن کي تقرير  ڪرڻ جو اهڙو ته ڏانءُ هئو، جو سندس هڪ هڪ لفظ اصل اندر ۾ پيهي ۽ دل باغ بهار ٿيو ويندي هئي.

جڏهن ساونت صاحب  جي زبان سان تمام مهمانن جو استقبال ڪيو ويو ته  مون مختصر لفظن ۾ سنڌي شعبي جي رپورٽ پيش  ڪندي چيو ؛ ته اسين ممبئي ۽ ان جي پسگردائي ۾ علائقائي ٻولين کي ملندڙ تڪليفن باوجود پنهنجو ڪم ڪندا رهندا آهيون، اتي ايم.اي. ايم.فل. ۽ پي ايڇ.ڊي. (سنڌي) سان گڏوگڏ ٽي نوان ڪورس سرٽيفڪيٽ ڪورس ان سنڌي، ڊپلوما ان سنڌي ۽ ايڊوانسڊ ڊپلوما ان سنڌي پڻ سلسليوار 1998، 1999۽  2001ع کان شروع ڪيا ويا ته جيئن ممبئي جي انهن گهرن ۾ سنڌي ٻولي کي عزت سان واپس پهچايو وڃي، جتي پنهنجن سنڌي سڄڻن ئي مادري زبان جو استعمال ڇڏي ڏنو آهي. اسين پبلڪيشن سلسلو شروع ڪيو آهي، تحقيق کي زور وٺايو آهي.  پوري ڀارت جي ڊگري ڪاليج سنڌي ٽيچر صاحبان لاءِ مرڪزي سرڪار کان ’رفريشر ڪورس ان سنڌي‘ جو اهتمام ڪرايو ويو. نه صرف ملڪي توڙي  بين الاقوامي سطح تي ٻين سنڌي تنظيمن کي پاڻ سان جوڙڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي، بلڪ 2003ع 2004ع ۽ 2006ع ۾سنڌي شعبي جي پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ کي آمريڪا انگلنڊ ۽ ڪيناڊا جي مختلف ٻوليائي تنظيمن جي پليٽفارم تي گهرائيندي ليڪچر ڪرايا ويا آهن، مون ان ڏينهن منعقد ٿيندڙ انٽرنيشنل سيمينار جو ذڪر ڪندي چيو، ته خود اهو سيمينار پڻ  سنڌي شعبي  جي اٿڪ محنت جي هڪ ڪڙي آهي، جو اسين بين الاقوامي سطح تي انگلنڊ ۽ دبئي سان گڏوگڏ  سنڌ ۽ هند جي به انتهائي اعليٰ  ترين  مدبر صاحبان کي مذڪوره سيمينار ۾ مقالا  نگاري  لاءِ گڏ ڪري سگهيا آهيون! جيتوڻيڪ  مون اهو به چيو ته موجوده حالات ۾ اسان جي ٻولي اسان کان اڃا به ڪجهه وڌيڪ خدمات انجام ڏيڻ جو حق رکي ٿي، جو اها ئي اسان جي سڃاڻپ جو نشان آهي.

لنڊن کان آيل سريچند هندوجا، دبئي سان وابسته ڊاڪٽر رام بخشاڻي  ۽ سنڌ مان آيل مظهر الحق صديقي پنهنجا پنهنجا پيپر ’ايڪويهين صديءَ ۾ سنڌو تهذيب جي وابستگي‘، ’دنياوي معاشيات لاءِ سنڌين جو وجود-هڪ خدائي نعمت‘ ۽ ’بين الاقوامي امن ۽ تصوف  ۾ سنڌين جو  اعتماد‘ سلسليوار مقالا پيش ڪيا. افتتاحي اجلاس هلندي ۽ اهي ٽيئي پيپر پيش ٿيندي ٿيندي منجهد ٿي ويئي، جنهن کانپوءِ لنچ لاءِ ڪجهه وقفو ڏنو ويو. تيسين سموريون اعليٰ ترين معزز  شخصيات سڀ سيمينار هال ۾ موجود رهيون، ان کانپوءِ لنچ جو اهتمام پڻ ايڏو ته شاندار نموني ڪيل هئو؛ جو تمام حاضرين لاءِ هال جي هڪ پاسي شاميانه لڳايل هئا ته ٻئين پاسي وري مقاله نگار توڙي  اسٽيج تي گهرايل معزز شخصيات  لاءِ لنچ جو بندوبست  ڪيل هئو، جتي سريچند هندوجا پڻ تمام  مهمانن سان گڏجي لنچ کاڌي.  هڪ  اهم ڳالهه ته سريچند هندوجا  جي لنچ خاص طور هن جي گهران ئي آيل هئي ۽  شايد هو ٻاهريون کاڌو ڪونه ورتائيندو هوندو ؛ پر هن اسان جي مهمانن کي عزت ڏيڻ لاءِ انهن سان پڻ  گڏجي ماني کائڻ پئي چاهي، ان لاءِ  نه صرف هن پاڻ پنهنجي ماني  کاڌي پر هن ڪيترن ئي ٻين مهمانن کي به سڏ ڪري پنهنجي ماني پئي کارائڻ چاهي؛ جنهن سان هڪ پنهنجائپ جو احساس ٿي رهيو هئو.

لنچ کان پوءِ به حاضرين جو چڱو  تعداد هال ۾ موجود ئي رهيو، جڏهن پيپر سيشن شروع ٿيو ته ’سنڌي شان‘ انگريزي مخزن جي ايڊيٽر رينجيت بٽاڻيءَ کي صدارت ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي گهرايوسين، ان سيشن ۾ پهريون پيپر سنڌ جي مشهور و معروف اديب امر جليل طرفان ڏنو ويو؛ جنهن جو عنوان هئو ’ورهاڱي جي وير وروڌ کان آجي سنڌي ڄاتي‘ ۽ آخرين پنجون مقالو منهنجي طرفان ڏنو ويو ’سنڌين جي محنت ڪشي  ۽ ڏيساور!‘

هيءَ سمورو ئي سيمينار  انگلش زبان ۾ هلايو ويو ته  اسان جا به ٻيئي آخرين مقالا انگريزي ٻولي  ۾ پيش ڪيا ويا؛ جيڪا ڳالهه پڻ هال ۾ ويٺل غير سنڌي حضرات کي  سٺي پيئي لڳي؛ جو انهن کي اسان جي مقالن مان  لطف  اچي رهيو هئو، بعد ۾ حاضرين مان ڪيترن ئي ماڻهن اسان جي مقالن تي ڳالهايو ته سائين امرجليل ۽ مان انهن جي پڇيل هڪ هڪ ڳالهه جي وضاحت پڻ ڪيئي، آخر ۾ رنجيت بٽاڻي صاحب سمورن پيپرن بابت پنهجا ويچار ظاهر ڪندي مجموعي طور سيمينار جي مقالن جي ساراه  به ڪيئي ته ان کي مقصد جي حاصلات لاءِ هڪ اهم قدم پڻ قرار ڏنو.

جڏهن سمورا مقالا پيش ٿي چڪا ته ڊاڪٽر منوهر  مٽلاڻيءَ سنڌي شعبي طرفان تمام مهمانن جي شڪر ادائي  ڪيئي، پوءِ سيمينار جي ختم ٿيڻ سان ئي هال جي ٻاهران وشال لان ۾ سريچند هندوجا طرفان ڏنل ’هاءِ ٽي پارٽي‘  شروع ٿي ويئي، هڪ بهترين پارٽيءَ جو  اهتمام ڪيل هئو!

ڏه ڏينهن پوءِ ڪلچر هائوس آف ايران، ممبئيءَ طرفان ’انجمن اسلام اردو ريسرچ انسٽييوٽ‘، ممبئيءَ ۾ ڀارتي ٻولين جو هڪ گڏيل نيشنل سيمنيار منعقد ڪيو ويو، اهو سيمينار 17 کان 19 مارچ 2007ع دوران ٽي ڏينهن هلندو رهيو. ان سيمينار ۾  منهنجي طرفان ’سنڌي ٻولي ۽ ادب  تي فارسيءَ  جا اثرات‘ مقالو پيش ڪيو ويو، ايران ڪلچر هائوس طرفان  منهنجي لاءِ هيءُ ٻيو سيمينار رهيو، ان سبب هينئر  ڪيترائي ڊيليگيٽس مون کي اڳ ئي سڃاڻي رهيا هئا.  منهنجي پيپر ۾ تاريخي واقعات جو حوالن سان ذڪر ڪيل هئو؛ ان لاءِ پڻ حاضرين منهنجي مقالي جي دل کولي ساراه ڪري رهيا هئا.

2007ع وارو سال هئو، جو مون کي زندگي ۾ پهريون دفعو هندوستان  جي مرڪزي سرڪار جي ’منسٽري آف ايڇ.آر.ڊي.‘ (وزارت تعليم)  طرفان برپا ڪيل نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لينگئيج لاءِ ايڊوائزري ڪاميٽيءُ تي ٽن سالن لاءِ ميمبر ڪري نامزد ڪيو ويو، هڪ ڏينهن آءٌ ننڊ مان اٿيو ئي هوس، جو ڀاءُ ٽيڪچند مست فون ڪندي مون کي اها خوشخبري ٻڌائي ۽ مبارڪباد ڏني، ان نئين ڪاميٽيءَ ۾ دهليءُ  جي سپريم ڪورٽ واري سينئر ايڊووڪيٽ رام  امرلال پنجواڻي کي وائيس چيئرمين ڪري کنيو ويو هئو. سرڪاري طور هندوستان جو ايڇ.آر.ڊي. منسٽر ( ان مهل ڪپل سبل) چيئرمين  هوندو آهي، پر ان جي غير حاضريءَ  ۾ سمورو ڪم ڪار سرڪاري سطح تي وائيس  چيئرمين کي ئي هلائڻو هوندو آهي.

جيتوڻيڪ آءٌ شخصي طور هيل تائين پنهنجي مٿان ڪنهن به قسم جي ليبل لڳارائڻ کان گريز ڪندو آهيان ۽ ٻولي توڙي سماج جي بهتري لاءِ هر هڪ کي تعاون ڏيڻ لاءِ تيار هوندو آهيان؛ پر ڪڏهن دهليءَ  ۾ منهنجي لاءِ ائين هُلايل هئو ته مان هيرو ٺڪر  گروپ سان وابسته  آهيان؛ جو گهڻي وقت کان هيروٺڪر ڪڏهن الهاس نگر اچي ته مون وٽ رهندو هئو ۽ مان دهليءَ  وڃان  ته هن وٽ هوندو هوس. ان سبب اڻ سڌي طرح جيڪي ماڻهو هيرو ٺڪر کي گهٽ چاهيندا هئا ته انهن جو ڏمر منهنجي مٿان به چاهيندي يا نه چاهيندي ڪرندو رهندو هئو. ان ئي سلسلي  ۾ 2003ع کان 2006ع تائين آءٌ لڳاتار دهليءَ  جي شخصيت رام امر لال پنجواڻيءَ  جي قلم جو شڪار ٿيندو رهندو هوس، شل نه منهنجو ڪو به ليک  ان مهل جي هندواسي ۾ اچي ته بس ايندڙ  پرچي ۾ رام امر لال پنجواڻيءَ طرفان منهنجي  مواد جو رد قد ڏيندي، هيڏو سارو ليک ايندو رهندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ هيرو ٺڪر به مون کي ان ڳالهه لاءِ همت افزائي ڪندو هئو ته آءٌ ڇو نه ٿو کيس جواب ڏيان. پر آءٌ  پنهنجي فطرت انوسار پنهنجي مٿان لڳايل ڪنهن به قسم جي الزامن جي وضاحت ان لاءِ به ڪونه ڪندو آهيان جو ائين ڪرڻ سان ته سامهون واري کي پڻ  عزت ملي ويئي، ته ها ٻيلي هاڻ ان جي لڳايل باه ڪو توءُ ڏيکاريو!

2006ع ۾ آءٌ جيئن ئي ٽورونٽو (ڪيناڊا ) ۾ ’سانا ڪانفرنس‘ ۾ ’هندوستان ۾ سنڌي ٻولي جو تحفظ  ۽ ارتقا‘ پيپر  پيش ڪندي واپس وريس  ته مون اهو مقالو  هفتيوار هند واسيءَ ۾ شايع ڪرايو، ابا!  بس ايندڙ پرچي ۾ ئي سائين رام امر لال پنجواڻي صاحب جو رد قد   اچي ويو، مون کي هن جي ڪنهن به بيان  جو  ڪو به اونو ڪونه هئو؛ پر هن پنهنجا رمارڪس ختم ڪندي ڪندي اهو لکيو ته ٻلديو مٽلاڻي ڀارتيه جنتا پارٽي سان وابسته آهي ۽ ان قسم جا ماڻهو هميشه هڪ طرفي ڳالهه  ئي ڪندا آهن.

آءٌ سڀ ڪجهه سهي پئي سگهيس، پر پنهنجي مٿان ڪنهن به هڪ پارٽيءَ جي رڪن هئڻ جي ليبل منهنجي سهڻ کان ٻاهر ٿي ويئي، جڏهن ته سچ اهو هئو ته منهنجو بي.جي.پي.ءَ سان دور جو به ڪو  سنٻنڌ ڪونه هئو ۽ اهو ئي سبب هئو جو آءٌ ان پارٽي طرفان سنڌين جي ٺاهيل  ’ڀارتيه سنڌو سڀا‘ لاءِ پوري هندوستان  جي چيف، دادا جهمٽمل واڌواڻيءَ  جو نور نظر هوندي به آءٌ هن کان ڪڏهن به پنهنجي لاءِ ڪجهه ڪونه گهريو هئو، تڏهن واڌواڻي  صاحب ڀارتيه سنڌو سڀا جو چيئرمين هئو ته ڪي.آر. ملڪاڻي پاڻ وائيس چيئرمين هئو؛ جيڪو پوءِ بي.جي.پي.ءَ جي ئي  دور ۾ ’پانڊيچري‘ صوبي جو ليفٽيننٽ گورنر بڻيو هئو.

دادا  جهمٽ مل واڌواڻي منهنجي ايڏي ته عزت ڪندو هئو جو هن جي دور ۾ جيڪي به ’اين.سي. پي.ايس.ايل.‘ جون ميٽينگس ٿينديون هيون، انهن ۾ منهنجي  ميمبر نه هوندي به  مون کي  خصوصي طور آفيشل دعوت ڏيئي گهرائيندو هئو ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان هر هڪ مدي تي پوري ميٽنگ ۾ کلي عام چوندو هئو ته ٻلديو مٽلاڻي ڇا ٿو چوي ! منهنجي راءِ کي اتي ڏاڍي عزت  ڏني ويندي هئي، پر آءٌ اتي تڏهن ميمبر ڪونه هوس، اهو به ٿي سگهي ٿو ته دادا جهمٽ مل واڌواڻيءَ جي شخصيت جو به مون تي اثر هجي، جو هڪ ڀيري ڀاءُ  پريم تولاڻيءَ دادا جهمٽ مل واڌواڻيءَ کي چيو ته : ”دادا  آءٌ  ايل.ڪي.آڏواڻيءَ کي اوهان جي گورنر ٿيڻ لاءِ اشارو ڪريان!“ ته دادا سخت نموني کيس جهليو هئو ته هو ڪهڙن لفظن ۾ به  آڏواڻيءَ وٽ اها ڳالهه پهچائيندو ته هو  ائين ئي سمجهندو ته اهو پيغام خود جهمٽ مل واڌاڻيءَ وٽان ئي آيل آهي!

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾….!!

نوراحمد جنجهي ڪبير ڀڳت ساديون ڳالهيون ڪندي ، انساني رويئي بابت گهڻو ڪجهه سمجهايو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے