15 جمعو , ڊسمبر 2017

ننگر ٺٽي جي سانگين جا سٻاجهڙا سانگ:مشتاق باگاڻي

گذريل  مضمون ۾ جنگشاهيءَ  جي اتر پاسي وارن جبلن ، مڪانن ، نئين، ڍورن ۽ کيٽن جون خبرون ڪيون هيونسين، هن ڀيري ڪينجهر، هڏيري ۽ هاليجيءَ  جي پٽن، پڊن ۽ کيٽن جي ڳالهه ٿا کڻون، ڪينجهر جي اوڀر ۾ گندرن، سومرن، تارن، ماڇين ۽  چانگن جا راڄ آباد آهن. اتر ۾ امير، پير ۽ جهمپير جا شهر اتر اولهه ۾ مولدي مياڻ، اولهه ۾ ڍور وارو تڙ ۽ ڏکڻ اولهه ۾ هيجن  جا راڄ  ۽ ڏکڻ ۾ گندرن، هيلاين شورن  ڪاتيارن جا راڄ  آباد آهن، مولديءَ تي ماڇي ۽ منڇري ۽ ڍور  تي ميري پوٽن جاکرن جا راڄ  رهن ٿا. ڪينجهر جي ڏکڻ اولهه ۾ کوهيءَ  جي اتر کان ڀنڀرن جا راڄ  رهن ٿا. ڪينجهر سان گڏ اتر واري پاڻي جي حصي کي سونهري ڍنڍ  سڏيندا آهن.

ڪينجهر کان پنج ڇهه ڪوهه اولهه طرف هيڏيري جي ڍنڍ آهي. هن وچواري پٽ تي جاکرن، هيجبن ، بروهين، بڪڪن، سرڪين، کمائڻ ۽ پليجن جا کيٽ آهن.  جيڪي برسات جي مند ۾ آباد  ٿيندا آهن. انهن پڊن تي برسات جي موسم ۾ ٺٽي ننگر جي ڏاکڻئي پٽن جا ماڻهو پنهنجا مال متاع ڪاهي سانگ ڪري وڃي ڪجهه  ڏينهن لاءِ اتي  رهندا آهن. ڪينجهر جي ڏکڻ اولهه ۾ جبلن جي وچ ۾  به  هڪ ڍنڍ آهي جيڪا برسات ۾ ڀربي آهي. ان کي جهول  ڍنڍ سڏيندا آهن.  ڪي وري هن کي جهول ماڙي به سڏين ڇاڪاڻ ته هن ڍنڍ تي هڪ دور  ۾ سنڌ جي حاڪم ڄام تماچي ماڙي ٺهرائي هئي.

هيڏيري ڏنڍ کان ڪوهه کن اولهه طرف سنڌ جي هڪ خوبصورت  ڍنڍ موجود آهي، جنهن کي  هاليجي  ڍنڍ سڏيندا آهن، هن ڍنڍ جي چئو  طرف جوکيا، خاصخيلي، پليجا، مهاڻا، جاکرا ذاتين وارا راڄ  ويٺل آهن، هيڏيري جي اتر طرف چڱل جاٿڙا، لياري بٺي، اولهه ۾ جنڊو وٺي ڏکڻ ۾ ٻيلچا، کماڻ، ناريجا، بڪڪ، خليفا، لاکا، هيلايا ۽ مهاڻا  ۽ حجم آباد آهن،  هاليجي  ۽ هڏيري جي اتر طرف کان هڪ ننڍي ڍنڍ موجود آهي، جنهن کي ڇتيري (ڇتيجي) ڍنڍ سڏيو ويندو آهي، هي برسات ۾  ڀربي آهي،  هڏيري جي اولهه طرف مهاڻن جو ڳوٺ آباد  آهي. ٻيو مهاڻڻ جو وڏو  ڳوٺ  هاليجي ڍنڍ جي اڀرندي پاسي آهي،  ڇتيريءَ جي اولهه طرف  ۽ هاليجي جي اتر طرف کان به  مهاڻن جا ٿورن  ٿورن پکن وارا الڳ الڳ ڳوٺڙا موجود آهن، ڪنهن ڀلي گهوڙي تي چڙهي هنن ڍنڍن جي چوڌاري ڦري اچڻ ۾ اوهان کي چار ڏينهن لڳندا. مفاصلو پنجاهه ڪوهن کان به وڌيڪ ٿيندو  يعني ڪو ڏيڍ سئو ڪلوميٽر  بي حد  خوبصورت ڍنڍن واري  هن علائقي جي جاگرافيائي ۽  تاريخي اهميت کان اسان جو نوجوان نسل بي خبر آهي.

تاريخي لحاظ کان  ته هي سڄو  خطو اهم آهي. سڪندر اعظم جون فوجون، خونريزي ڪنديون پنجاب کان سنڌ ۾ داخل ٿيون، مار  ڌاڙ کا کانپوءِ واپسيءَ  جو سفر به  هتائين  شروع ڪيائون،  اشوڪا جي دور ۾ ٻوڌين جا مندر  تعمير ٿيا. محمد بن قاسم سب کان پهريان هي علائقو فتح  ڪيو، محمد تغلق  جي لکن جي فوج کي هتي شڪست ملي. فيروز  تغلق  کي به هتي ئي ناڪامي ملي. ارغونن، ترخانن، ۽ مغلن هن  خطي تي لڳاتار راتاها  هڻي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آندو ، پورچوگيزن جي ڦر مار به هتي  جو واقعو آهي.

هنن سڀني حاڪمن جي دور ۾ قبرستانن ۾ اظافو ٿيندو رهيو، ڪلهوڙن جون باهمي رنجشون ميرن جي دور جا ناخوشگوار واقعا . ان تاريخ جو حصو آهن. جن جي دهرائڻ سان ڦٽ ضرور چڪندا. انهن تاريخي حقيقتن کان  منهن موڙڻ  يا فرار  حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڪانئر پڻو  ٿيندو جنهن جو اسين هميشه شڪار رهيا آهيون.

هاڻ جڏهن فطرت هتي جي ماڻهن کي خوشيءَ  جو موقعو فراهم  ڪيو آهي. برسات جي ڪري هن علائقي جا جبل  ۽ کيٽ سرسبز  ۽  ساوا ٿي پيا آهن. سانگي سانگ ڪري پنهنجا ٻچا وٺي مال ڪاهي  پنهنجن پراڻن پڊن تي موٽي آيا آهن.  اسين به سندن سرهائي ۾ شريڪ ٿي گهٽ ۾ گهٽ ٿورن ڏينهن جي ئي سمي کلي ۽ آزاد فضا جيڪا هنن مالوند کي ميسر ٿي آهي،سندن حال احوال وٺون.

آئون جيئن ته گذريل اڌ صدي کان ٺٽي  ضلعي جي مختلف راڄن سان واسطي ۾ رهيو آهيان ان  ڪري ضروري ٿو سمهان ته انهن مان ڪن جو تعارف اوهان سان به ڪرائيندو هلان ، ڪينجهر  ۽ سونهريءَ جي  اڀرندي پاسي  حاجي عمر گندري جو ڳوٺ آهي. حاجي عمر قد جو  ڊگهيرڙو سانورو سلوڻو، اعليٰ اخلاق جو ڌڻي بهترين انسان طور ڄاتو سڃاتو ٿي ويو. منهنجي ساڻس ويجهڙائي 1981ع ڌاري ٿي. هو پنهنجي لائق پٽن سان گڏ موٽر تي چڙهي ٺٽي ايندو هو، ته هن سان ملڻ ضرور ٿيندو  هو. هن جو پنهنجي راڄ  تي هٿ هو. هن جي ملڻ  جو انداز  پيار  ۽ پاٻوهه، محبت ۽ مڻيا وسرڻ جا ناهن. ڪينجهر جي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ تي هلاين  جا ٻه ڳوٺ آباد آهن، وڏي ڳوٺ جو سريال محمد يوسف هلايو هيو، ننڍو ڳوٺ حاجي جعفر هلائي جي نالي سڏبو هو. حاجي جعفر جي ساک اها هوندي هئي جو هو پنهنجي فيصلي تي اٽل هوندو هو، مون پنهنجي ڪتاب  لاڙ جا ڏينهن لاڙ جون راتيون ۾ حاجي خان جاکري جي حوالي سان هڪ فيصلي جو ذڪر ڪيو هو.

پراڙين پاسي ڪنهن شخص جون چاليهه رڍون چوري ٿي ويون. هو ويچارو جتي پٺن پويان ٻڌيو رڍون ڳوليندو رهيو، تن کي ڪي ڇهه مهينا  سال گذري ويو. آڳاٽي دور ۾ جڏهن ڪينجهر کي اڃان بند ڪونه ٻڌل هو ته ڪينجهر هڪ اهڙي ماٿري هوندي هئي جنهن مان جڏهن برسات وارو پاڻي سڪي ويندو هو ته ايترو  ته گاهه مورندو هو جو  سوين ماڻهو مال جاڌڻ ڪاهي اتي اچي چاريندا هئا. هي ڦريل ڀاڳيو به ووڙيندو جڏهن اتي پهتو ته هزارن جي تعداد ۾ مال چرندي ڌٺائين، آخر ڳولي ڳولي هي اچي پنهنجي مال تي بيٺو. وڏيري جعفر هلائي  وٽ دانهيائين. فيصلو ٿيو. چوراڻي ڌر سنهن ساک کڻي فيصلو کٽي وئي. ڀاڳيو ويچارو دانهون  ڪوڪون ڪندو رهيو. ڪنهن ڏس ڏنس ته حاجي خان جاکرو  تنهنجي داد رسي ڪري سگهي ٿو. ڀاڳئي اتي پهچي پنهنجي  روئداد بيان ڪئي ۽ داد رسيءَ لاءِ ٻاڏايو.حاجي خان گهوڙي تي چڙهي اچي حاجي جعفر وٽ پهتو، خبرون ٻڌايائين ته هو غريب ڀاڳئي جي خلاف ڏنل فيصلي تي نظرثاني جي اپيل کڻي آيو آهي. ڳالهه  تمام ڳري هئي جو حاجي جعفر پنهنجي ڪيل فيصلي کي رد ڪد ڪونه ڏيندو هو ۽  اٽل رهندو هو. پر هو حاجي خان جاکري جي ڳالهه ٽاري نه سگهيو ۽  چيائين ته هاڻ اهو  فيصلو تون ڪر.

حاجي خان سر زمين تي پهچي ڀاڳئي کي چيو ته هزارن  جي تعداد ۾ چرندڙ رڍن مان  پنهنجون چاليهه رڍون سڃاڻ ! ڀاڳيو سڃاڻيندو هڪ هڪ ڪندو اڻيتاليهه رڍون ٻاهر ڪڍي آيو. ٻئي ڏينهن به ساڳي طرح  سڃاڻي ڳلي ڳولي اهي ئي اڻيتاليهه رڍون ٻاهر ڪڍي آڻي بيهاريائين. جڏهن ٽئي ڏينهن به هزارين مال ۾ گڏيل پنهنجي رڍن جي سڃاڻپ ڪري ساڳيون رڍون  ٻاهر ڪڍيائين ته وڏيري حاجي خان جاکري  فيصلي جي فتوا ڏني ته هڪ رڍ سنهن ساک جي صدقي چورن کي ڏني وڃي ۽ اڻيتاليهه  رڍون ڀاڳئي کي موٽائي ڏنيون  وڃن، اهڙي  طرح هڪ بي واهه مسڪين  جي داد رسي ٿي. حاجي خان جاکرو  ته گهڻا سال  اڳ  هي جهان ڇڏي ويو.

چاچو حاجي جعفر به نالي وارو شخص هو. پويان ڏينهن گوشي نشيءَ  ۾ گذاريائين. اسان جو جڏهن به وٽس وڃڻ ٿيندو  هو. هو پنهنجي روڊ رستي واري اوطاق تي هشاش بشاش ويٺل نظر ايندو هو. سندس پٽن ۾ حاجي حسن بهترين انسان هو. حاجي سليمان سخي  مهمان نواز  هو. سندس ڪينجهر ڪنڌيءَ واري لانڍيءَ   تي ڏاڍا چاڙها پچاڙا ٿيندا هئا.  خوب دعوتن جا دور هلندا هئا. چهري تي سدائين مرڪ ۽ مسڪراهٽ موجود هوندي هئي. انهن دعوتن جو راڌو شريف ڪاتيار هوندو هو، سندس هٿ ۾ اهڙو ته سواد هوندو  هو جو بشو بورچيءَ  جي به جاءِ نه هوندي هئي، ياد رهي ته بشو بورچي ٺٽي ضلعي جو ناميارو  بورچي ٿي گذريو آهي.

حاجي  جعفر هلائي جي ڳوٺ کان الهندي پار، ڪينجهر جي بنهه  ڪنڌيءَ  تي گندرن جا راڄ  آباد هئا. ڳوٺ جو سريال مٽر گندرو  هو، مون جڏهن ڏٺو ڊڄي ٿو ڳالهه ڪريان ته سئو ڏهن ورهين جي ڄمار جو هوندو، ڏوهٽا ۽ پوٽا به پوڙها ٿي ويا هئس. ٽي سئو کن فردن تي مشتمل وڏي آڪاهه جو هي وڏڙو  پنهنجي ڏهٽن مني ۽ ابراهيم وارن جي هوٽل جي دڪيءَ تي ويٺو  پراڻن  رڇن جي مرامت ڪندو هو. سندس  نرت ته نهايت ئي تيز هئي پر سُرت به اڏي ته سمجهه ۽ ساڃاهه ڀري هئي جو سئو ورهه  اڳي جون ڳالهيون،  قصا ۽ ڪهاڻيون بيان ڪندي لڳندو هو ڄڻ ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه پيو  ڪري، واڳن سان ويڙهن جا قصا ۽ لڌڙن سان لئون لڳائڻ جا داستان بيان ڪندي هن جا ڀرون تاڻجي ويندا هئا.

ڪينجهر جا سڀ تڙ کيس ساريل هئا. هو ويٺي ويٺي مونکي ڪينجهر جا سڀئي تڙ گهمائي موٽي  ايندو هو. جن جو تفصيلي ذڪر مون پنهنجي ڪتاب لاڙ جا ڏينهن ۽ لاڙ جون راتيون ۾ ڪيو آهي. هن جي ڳالهين  ۾ چاشنيءَ واري چس ۽  ماکيءَ  وارو مٺاس ڀريل هوندو هو. اهي ڳڻائتا ڳهير ۽ وڙائتا  ويڙهيچا هاڻ اسان کان تمام گهڻو پري هليا ويا. موٽڻ جي ڪانه ڪيائون .

مون کي ياد آهي سياري ۾ ابراهيم  گندرو ٻيڙيءَ جو بندوبست ڪري اندر ڍنڍ ۾ وٺي هلندو هو. هو آڙين کي ڊوڙائي جهلڻ جا ماهر  ڪاريگر هئا. آڙيون ڦڙهي اڳتي وڃي ويهنديون هيون ٻيڙي ڊوڙائي جڏهن اتي رسبو هو ته ڪي انهن مان پاڻي ۾ ٽپي وينديون هيون، هي همراهه پاڻي ۾ ٽٻي  ڏئي انهن کي جهلي ايندا هئا يا  ٻاهر نڪرڻ تي ونجهه هڻي واڍوڙ ڪري جهلي قابو ڪندا هئا. پوءِ  ڪنهن ٻيٽ تي ويهي رڌ پچاءُ  ڪبو هو. شروع  وارن ڏينهن ۾ مونکي آڙين جو ٻوڙ ڪونه وڻندي هئو. هو ويچارا منهنجا انگل آرا مڃي  منهنجي لاءِ ڌئونرو پکي  جهلي کڻي ايندا هئا ۽  ڌار ٻوڙ  رڌي کيڻ  لاءِ ڏيندا هئا.

آڙيون گهاٽيون هونديون هيون ڌئونرو پکي ڇڊو جهل ڏيندو هو. آهستي آهستي آئون به آڙين جي  ٻوڙ کائڻ  تي هري ويس ، هڪ ٻي جٺ مان به سورن جي جان ڇڏايم  اها هئي، پلاءُ ۾ آڙين جون ٽنگون  به گڏي رڌيندا هئا.  هو ته ان کي  شوق مان کائيندا هئا البت مون کي اهي اگريون لڳنديون هيون. ان ڳالهه تان  نيٺ مون هنن کي هٽايو، پوءِ نج نبار گوشت ۾ پلاءُ ٺاهيندا هئا. ان ڳوٺ ۾ علي گندري وارا به رهندا هئا. جن وٽ پنهنجون لانچون هونديون هيون ڀلوڙ جوان هئا.

ڍور واري ٽر تي ميري پوٽن جاکرن جو وڏو ڳوٺ هو، ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي جمع جي هوٽل تي هيٺ پڙڇن تي ڳوٺاڻان  تاس راند کيڏڻ ۾ مشغول نظر ايندا هئا. جمعو هر ايندڙ جي آجيان ڀٽائيءَ  جو بيت پڙهي ڪندو هو.

اڱڻ آئيا جان ، ته سرتيون مون سک ٿيا،

املهه پرين مٿان، ٻرڪئو ٻين ڏيان (شاهه)

آئون جڏهن کيس ان بيت جي موٽ رسيد ڏيندو هوس ته هوٽڙي پوندو هو. سهڻو شهزادو ٽوپ پائيندو هو، وڏا شهپر هوندا هئس. ڄنگهن کان معذور هو. پيار ۽ محبت جو مجسمو هو، جمعو ميري پوٽو، جمعي  جي جهوپڙي کان اتر طرف جبل جي بٺي هئي جنهن کي ٽن  طرفن کان پاڻي هو، اهڙي خوبصورت ٽڪري سانوڻ ۾سائولباس پهري رڍن ۽ ٻئي مال  جو چوچرا گاهه بڻجي  پوندي هئي. ان ٽڪريءَ تي اڀرندي پاسي چند منڇرين جا گهر هئا. ان ئي ٽڪريءَ تي مبين جاکري جو ڳوٺ هو.

مبين بي انتها  پيار ڏيڻ وارو جوان هو. وٽس جڏهن شڪار تي وڃبو هو ته رات ضرور رهبي هئي. اسان سان ملان دائود بروهي، چودري عمر  بروهي، عبدالستار بروهيءَ وارا ڇتي چند جا دوست گڏ هوندا هئا.

ملان دائود سفيد ڪپڙا، سفيد ريش، ملاڻي سفيد ٽوپي ۽ سفيد چادر ۾ ويڙهيل فرشته صفت انسان هو. شڪار  ڪونه ڪندو هو البت رڌ پچاءُ جو ماهر هو. ملان دائود جي رڌل ٻوڙ ۽ پلاءُ جو مقابلو چڱو  ڀلو  بورچي به  ڪري ڪونه سگهندو هو. مبين  جي اوطاق تي سندس ڀائر حسين ۽  ابوبڪر به نظر ايندا هئا. ابوبڪر سٻاجهڙو انسان هو. نمازون گهڻيون پڙهندو هو. مهمانن جي خذمت مان فارغ ٿي، مصلو وڇائي ويهي جو رهندو هو ته  صبح ڪري ڇڏيندو هو. سندس مٺڙي آواز واري ٻانگ پري کان ٻڌي سرور پيو ايندو هو. اتي آچار  جاکرو به  ايندو هو، شڪار جو شوقين  ڪونه هو. پر ڪچهريءَ  جو مور هو. مبين نه هوندو هو ته لونگ اسان جي  حاضريءَ ۾ هوندو هو. مبين وڏو  توٻچي هو پر لونگ  به گهٽ ڪونه هو، هو ٻيڙي ها ڪاري ڍنڍ جي اولاهين ڇيڙي تي وٺي هلندو هو، جتي اڃايو  ڌئونرو پکي هوندو هو، خاص طور ٿرانڊو ۽ رنئارو، آڙيون وچ تي هونديون هيون، جيڪي الٿي جو قطارون ڪري پن ۾ وڃي پونديون  هيون،هتي محمد منڇريءَ جهڙا گرناري شڪاري پويون هڻي هن گگدام پکيءَ کي وڏي تعداد ۾ ڦائيندا هئا.

محمد منڇري بت جو ڀريل پر قد جو هلڪو هوندو هو. شڪار جهلڻ ۾ مون کي سندس ڪو مٽ ثاني نظر  ڪونه آيو. هو پنهنجي ننڍڙي هڙهيءَ ۾ ويندي اکين کان غائب  ٿي ويندو هو. وري اوچتو نظر ايندو هو ته سندس هڙهي پکين سان ڀريل نظر ايندي هئي. شام جو شڪار  ڪري جڏهن واپس اچبو  هو ته مبين جي اوطاق ٻهڪندي نظر ايندي هئي. مبين جي اوطاق تي لقمان  منڇري به ايندو هو. ڪچهرين جو مور بهترين انسان هو. اهي ڪچهريون  ڪري روح ريجهائي موٽي ايندا هئاسين. موڪلائڻ مهل ملان دائود تاڪيد ڪري چوندو  هو، سائي سان ساٿ سنبير  جو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾….!!

نوراحمد جنجهي ڪبير ڀڳت ساديون ڳالهيون ڪندي ، انساني رويئي بابت گهڻو ڪجهه سمجهايو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے