24 سومر , سيپٽمبر 2018

تحريڪ انصاف يا عمران خان جو نواز شريف سان ڪو به ذاتي جهيڙو ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ يا عمران خان جو نواز شريف سان ڪو به تعلق ناهي، پانام ڪيس 134 ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ هليو جنهن ۾ شريف ڪٽنب جي ڪرپشن بي نقاب ٿي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊي سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته شريف فيملي جي آف شور ڪمپنين جو انڪشاف پي ٽي آءِ نه ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو ته وزير اعظم ۽ ان جو ڪٽنب لنڊن ۾ پراپرٽي جو مالڪ آهي، ۽ ان دوران ٻڌڻ هلي ۽ شريف ڪٽنب ثبوت نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته عدالت ڀرپور موقعو ڏنو پر شريف خاندان پنهنجو مني ٽريل پيش نه ڪيو سگهيو، 60 ڏينهن احتساب ٿيو ۽ شريف فيملي جو ڪچو ڇٽو کلي ويو. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي وڃڻ سان جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي، پي ٽي آءِ قانون جي بالادستي لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ اسان جي محنت رنگ لاتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے