24 سومر , سيپٽمبر 2018

سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي: پي ٽي اي چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي) جي چيئرمين اسماعيل شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي. خورشيد شاهه جي صدرات هيٺ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي اي چيئرمين اداري جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ موبائيل صارفن جو انگ 14 ڪروڙ، براڊ بينڊ انٽرنيٽ صارفن جو انگ 4 ڪروڙ 21 لک کان وڌيڪ ويو ۽ سي پيڪ تحت راولپنڊي کان خنجراب تائين 820 ڪلو ميٽر طويل فائبر آپٽڪ وڇائي پئي وڃي. پي ٽي اي طرفان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت 5 سب ميرين ڪيبلز استعمال ٿي رهيون آهن، موبائيل براڊ بينڊ سبب ملڪ ۾ پهريون برانچ ليس بينڪ سم قائم ٿي ويو ۽ ان وقت سالياني 74 هزار ٽيرا بائيٽ ڊيٽا استعمال ٿي رهي آهي جڏهن ته موبائيل فون جي چوريون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ نئون سسٽم آندو پيو وڃي جنهن بعد چوري ٿيل موبائيل فون جي جيڪڏهن آءِ ايم اي آءِ نمبر تبديل به ٿي ويو ته اهو استعمال نه ٿي سگهندو. هن چيو ته ڪريم ٽيڪسي سروس جي ڪاميابي موبائيل براڊ بينڊ جي مرهون منت آهي. عام ٽيڪسي ڊرائيورن کي به ان سروس ۾ شموليت جو موقعو ڏنو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نااهلي ڪيس: جهانگير ترين ۽ حنيف عباسي جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي خلاف نظرثاني درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے