24 سومر , سيپٽمبر 2018

عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي: نفيس ذڪريا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان عالمي برادري کان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.  اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ڀارت پيلٽ گن کي معصوم ڪشميرين تي استعمال ڪري رهيو آهي، عالمي برادري وادي ۾ قابض ڀارتي فوج جي ظلمن جو نوٽيس وٺي. ترجمان چيو ته ڀارت حريت اڳواڻن جي گهروارن کي ڊيچارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. نفيس ذڪريا چيو ته پيلٽ گنن جي شڪار ڪشميرين جي يورپي ملڪن ۾ علاج ڪرائڻ جي آڇ ڪئي هئي ۽ اها آڇ هاڻ بٿه موجود آهي پر ڀارت آڇ کان انڪار  ڪيو هو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت سمجهوتا ايڪسپريس ۾ ملوث ڪرنل پروهت ۽ ٻين کي تحفظ ڏئي رهيو آهي، ڀارتي حڪومتي آسيم آنند، ڪرنل پروهت ۽ ٻين جي جاچ تي اثر انداز ٿيو آهي جڏهن ته پاڪستان کي جاچ بابت آگاهه ناهي ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نااهلي ڪيس: جهانگير ترين ۽ حنيف عباسي جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي خلاف نظرثاني درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے