21 جمعو , سيپٽمبر 2018

منصوبن ۾ دير برداشت نه ڪبي، سيڪريٽري ورڪس سمورن منصوبن جي پاڻ نگراني ڪري: مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير کي ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تو هلندڙ سال ڊسمبر تائين 41 روڊن جا منصوبا مڪمل ٿي ويندا، ناڻي کاتي 2 ارب رپيا به جاري ڪيا آهن جنهن تي مراد علي شاهه چيو ته ڪم آهستي هلي رهيو آهي، اهو برداشت نه ڪندس. وڏي وزير ٺل ڪنڌ ڪوٽ 22 ڪلو ميٽر روڊ منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڊگهڙي نوڪوٽ روڊ تي ڪم جي رپورٽ اڄ پيش ٿيندي. وڏي وزير هدايتون جاري ڪيون ته سيڪريٽري ورڪس  سمورن منصوبن جي نگراني ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا پاران پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي آجيا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا پاڪ ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي آجيان ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے