23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪترينا ڪيف پش اپس هڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بار بي ڊول ڪترينا ڪيف هنن ڏينهن ۾ پنهنجي نئين فلم ”ٽائيگر زندهه آهي“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي پر شوٽنگ دوران اداڪارا جي اهڙي وڊيو اڳيان اچي وئي آهي جنهن سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي آهي. تفصيل مطابق ڪترينا ڪيف ٽائيگر زندهه هي جي شوٽنگ دوران ريڪارڊ ڪيل ويڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائوٽ تي شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ ڪنهن ماهر فٽنيس ٽرينر وانگر پش اپس لڳائيندي نظر اچي رهي آهي. ڏيڍ منٽ جي گهٽ وقت جي وڊيو ۾ ڪترينا ڪيف پهريان ٻنهي هٿن جي سهاري سان 4 پش اپس لڳايو، جڏهن ته بعد ۾ ان هڪ هٿ جي سهاري سان به اوترا ئي پش اپس لڳايو. آخر ۾ ڪترينا ڪيف هٿن کان بغير پش اپس لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هڪ پش اپس بعد ئي هوءَ پنهنجو بيلنس برقرار نه رکي سگهي ۽ ڪري پئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے