19 اربع , سيپٽمبر 2018

سلمان خان ڪترينا ڪيف کي خطرناڪ اسٽنٽ ڪرڻ کان بچائي ورتو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ دبنگ خان پنهنجي پراڻي دوست ڪترينا ڪيف کي فلم ”ٽائيگر زندهه هي“ ۾ کليل سمنڊ ۾ سرفنگ جو مشڪل اسٽنٽ ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو. ٻئي مراڪش ۾ يش راج فلمز جي بينر هيٺ ٺهندي فلم ”ٽائيگر زندهه هي“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهن. ميڊيا رپورٽس موجب فلم جي شوٽنگ دوران ڪترينا ڪيف کي کليل سمنڊ ۾ سرفنگ جو خطرناڪ اسٽنٽ ڪرڻو هو پر سلمان پنهنجي دوست جي جان کي خطري ۾ وجهڻ کان نٽائي رهيو آهي ۽ ان ڪترينا کي خطرناڪ اسٽنٽ ڪرڻ کان صاف روڪي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪترينا پهريون ڀيرو سرفنگ جو مشڪل اسٽنٽ ڪرڻ جي مڪمل طور تي تربيت حاصل ڪري چڪي آهي پر پوءِ به سلو ميان هدايتڪار کي ڪنهن ٻئي کان اهو اسٽنٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے