23 آچر , سيپٽمبر 2018

رانديگرن جي ٽريننگ شروع، هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چئمپينز ٽرافي جي رپورٽ اڄ جمع ڪرائيندو

لاهور(اسپورٽس نيوز) هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چئمپينز ٽرافي جي رپورٽ اڄ خميس تي جمع ڪرائيندو. مڪي آرٿر پاران آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي جي حوالي سان رپورٽ خميس تي جمع ڪرائڻ جو امڪان آهي. پي سي بي چيئرمين شهريار خان جي انگلينڊ مان وطن واپسي اربع ۽ خميس جي وچ واري رات پهچندڳ، ڪو ان سان ملاقات به ڪندو. ذريعن مطابق هيڊ ڪوچ سينيئر بالرن جي ڪارڪردگي تي عدم تسلسل جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي، ان حسن علي کي ٻين لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو، احمد شهزاد جي حوالي سان عدم اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته اظهر علي جي پرفارمنس کي ساراهيو. ڪوچ فٽنس مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته عمر اڪمل جهڙا مثال جونيئرن لاءِ اڳيان نه اچڻ گهرجن. قومي ٽيم جي فوري طور تي ڪا مصروفيت نه هئڻ سبب ملڪ وڃڻ بعد پاڪستان ايندڙ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ ٻئي اسٽاف نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ جاري هاءِ پرفارمنس ۾ شريڪ ڪرڪيٽرن جون صلاحيتون نکارڻ جو مشن شروع ڪري ڇڏيو. فيلڊنگ ڪوچ اسٽيورڪسن رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي مشورو ڏنو، شام جو راند ۾ مهارت بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو ويو، اين سي اي ڪ9وچز سان گڏ گرانٽ فلاور سلمان بٽ، عثمان صلح الدين، محمد حسن ۽ بلال آصف جي ٽيڪنيڪي خامين جي نشاندهي ڪندي بهتري آڻڻ جا مشورا ڏنا، بلاول ڀٽي، فهيم اشرف ۽ محمد عرفان جونيئر جي بالنگ جو به غور سان جائزو ورتو ويو، هيڊ ڪوچ رانديگرن جي نيٽ ۾ ڪارڪردگي ڏسندي سٺن اسٽروڪس ۽ بالن کي ساراهيندي نظر آيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے