25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پي سي بي جو نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي تي هڪ ارب فنڊز خرچ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جي آرائش ۽ مرمت تي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي. پي سي بي هڪ ارب رپيا خرچ ۽ تعميراتي ڪم لاءِ تعميراتي ڪمپنين سان اظهار دلچسپيءَ جون درخواستون به موڪلي ڇڏيون آهن. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي مرمت ۽ ڊيڪوريشن تي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ فنڊز خرچ ڪيو ويندول. پي سي بي انتظام سنڀاليندڙ نجم سيٺي جي خاص دلچسپي سان هڪ ارب رپيا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تي خرچ ٿيندو. پي سي بي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تي هڪ ارب رپين جي خرچ جي پي سي بي منظور ڏئي ڇڏي آهي جنهن بعد جيڪا ڪمپني ان ڪم جو ٺيڪو کڻندي ان کي گارنٽي جي نالي تي 2 ڪروڙ رپيا ڊيپازٽ ڪرائڻا پوندا يا بينگ انشورنس سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو. ان پوري مرحلي ۾ شفافيت به رکي ويندي. جڏهن ته پي سي بي اختيارين هڪ ارب رپيا خرچ ڪرڻ متعلق صوبائي وفاقي وزارت کي مڪمل اوندهه ۾ رکيو آهي ان حوالي سان صوبائي رابطن واري وزارت سان رابطو ڪيو ويو ته اختياريون ان وڏي خرچ بابت مڪمل لاعلم هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

National Conference seeks to issue the NOC for participating in the Afghan Premier League

قومي ڪرڪيٽرن طرفان افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو مطالبو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽرن افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے