24 سومر , سيپٽمبر 2018

ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ آئوٽ آف فارم، آخري 6 اننگز ۾ صرف 49 رنسون

گال(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ خراب پرفارمنس جو سلسلو جاري آهي.سريلنڪا خلاف گال ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ۾ به ڀارتي بيٽسمين ڪجهه خاص اننگز کيڏڻ بغير ئي پويلين موٽيو. تفصيل مطابق ويرات ڪوهلي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ته بهترين فارم ۾ نظر اچي رهيو آهي پر گذريل ڪجهه عرصي کان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ان جي ڪارڪردگي ڪجهه مايوس ڪندڙ آهي، سريلنڪا خلاف گال ٽيسٽ ۾ ويرات ڪوهلي بيٽنگ ڪرڻ لاءِ ميدان تي لٿو ته ڀارتي ٽيم جي پوزيشن گهڻي مضبوط هئي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ جي شوقينن کي به پنهنجي ڪپتان مان وڏي اسڪور جون اميدون هيون پر ان هڪ ڀيرو وري پنهنجي چاهيندڙن کي ڌوڪو ڏنو ۽ صرف 3 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. ويرات ڪوهلي پنهنجي گذريل 6 ٽيسٽ اننگز ۾ صرف 17-8 جي ايوريج سان صرف 49 رنز اسڪور ڪري سگهيو آهي ۽ ان دوران ان جو بهترين اسڪور آسٽريليا خلاف 15 رنز رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے