25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

فڪسنگ اسڪينڊل: خالد لطيف ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل، فيصلو 25 آگسٽ تائين اچڻ جو امڪان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ خالد لطيف ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي، ڪيس ۾ 25 آگسٽ تائين فيصلو اچڻ جو امڪان آهي جڏهن ته شاهه زيب حسن ڪيس جي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي. ذريعن مطابق فڪسنگ اسڪينڊل ۾ خالد لطيف ڪيس ۾ ڌرين حتمي لکت ۾ دليل جمع ڪرائي ڇڏيا، لکت ۾ جواب جمع ٿيڻ بعد طريقيڪار مطابق ٽريبيونل 30 ڏينهن اندر ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ جو پابند آهي. پي سي بي جي جي ايم ليگل سلمان نصير ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پي سي بي خالد لطيف ڪيس ۾ پنهنجا دليل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ اميد آهي ته هي ڪيس وڌيڪ اڳتي نه هلي سگهي. ٻئي طرف خالد لطيف جي وڪيل بدر عالم ٽريبيونل ۾ هڪ ٻي درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪرڻ کان پهريان ان کي گواهن جي بيانن تي جرح ڪرڻ جو هڪ موقعو ڏنو وڃي جنهن تي ٽربيونل بعد ۾ فيصلو ڪندو. ٻئي طرف شاهه زيب حسن ڪيس جي ٻڌڻي پي سي بي جي وڪيل تفضل رضوي جي ٻاهرين ملڪ هئڻ سبب 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

National Conference seeks to issue the NOC for participating in the Afghan Premier League

قومي ڪرڪيٽرن طرفان افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو مطالبو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽرن افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے