20 خميس , سيپٽمبر 2018

ورلڊ ڪپ فائنل ۾ رن آئوٽ، مٿالي راج حقيقت ٻڌائي ڇڏي

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مٿالي راج ورلڊ ڪپ فائنل ۾ رن آئوٽ تي تمام افواهن جي ترديد ڪندي چيو ته جوتن جا اسپائڪس پچ ۾ لهي وڃڻ سبب رننگ ۾ ڏکيائي پيش آئي جنهن سبب وقت سر ڪريز نه نه پهچي سگهي. هڪ انٽرويو ۾ مٿالي راج چيو ته منهنجي رن آئوٽ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي طرح طرح جون ڳالهيون ڪيون ويون، اصل ۾ منهنجا جوتن جا سپائڪ پچ ۾ لهي وڃڻ سبب پنهنجي رفتار برقرار نه رکي سگهيس ۽ ڊائيو به نه لڳائي سگهيس، مان بي وس ٿي وئي هيس. انگلينڊ خلاف فائنل ۾ ڀارتي ويمن ٽيم جي ڪپتان جي رن آئوٽ ٿيڻ جي انداز تي ڪافي بحث ٿيو، سنگل وٺڻ جي ڪوشش ۾ هوءَ اڌ کان وڌيڪ فاصلو تيزيءَ سان طئي ڪري چڪي هئي پر آخر ۾ ان جي رفتار آهستي ٿي وئي ۽ هن جي ڪريز ۾ پهچڻ کان پهريان ڪيپر بيلز اڏائي ڇڏيا. ڪمينٽيٽر تبصرو ڪندي چيو ته شايد هوءَ رن وٺڻ نه پئي چاهي، ڊبل مائنڊڊ ٿي وئي يا آخر ۾ همت هارائي ويٺي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے