21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڀارتي رياست هريانا ۾ هندو انتهاپسندن جي مسلمانن کي زنده ساڙڻ جي ڌمڪي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ): ڀارت ۾ بي جي پي جي ڪارڪنن ۽ هندو انتهاپسندن ڳئون ذبح ڪرڻ جي شڪ ۾ ملسمانن کي سرعام زنده ساڙڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، ڀارتي رياست هريانا ۾ بجرنگ دل جي ڪارڪنن مسلمانن جي قتل عام جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنوني هندن مسلمانن کي علائقو ڇڏڻ جو الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته ڳئون ذبح ڪئي ته زنده ساڙيو ويندو، نريندر مودي جي اقتدار ۾ اچڻ بعد ڀارت ۾ ملسمان جو جيئڻ جنجال ٿي ويو اهي، هڪ طرف والاريل ڪشمير ۾ انسانيت سوز ظلمن جي تاريخ لکي پئي وڃي ته ٻئي طرف باقي رياستن ۾ به مسلمانن جو بي دردي سان قتل عام جاري آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ مهاراشٽر ۾ انتهاپسندن ڏينهن ڏٺي تلوارن جا وار ڪري مسلمان نوجوان کي بي رحمي سان قتل ڪيو هيو، سڀ کان وڏي جمهوريت جون ڪوڙيون دعوائون ڪندڙ ڀارت ۾ مسلمانن سان گڏ ٻيون اقليتون به ظلمن جي چڪي ۾ پيسجي رهيون آهن، تجزيه نگارن موجب ڀارتي حڪومت هندو انتهاپسندن جي ان جن کي بوتل ۾ بند نه ڪيو ته پاڻ ڀارتي رياست جو پنهنجو وجود به خطري ۾ پئجي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے