22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

قنڌار ۾ افغان فوجي اڏي تي طالبان جو حملو، 26 اهلڪار مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ): قنڌار جي ضلعي خاڪريز جي علائقي ڪرزلي ۾ واقع فوجي اڏي تي طالبان جي حملي ۾ 26 افغان فوجي اهلڪار مارجي ۽ 13 زخمي ٿي پيا، افغان دفاع واري وزارت جي ترجمان دولت وزيري اها دعويٰ به ڪئي ته افغانستان جي فوجين بهادري سان مقابلو ڪندي ان حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته فوجي ڪيمپ تي حملو ڪندڙ طالبان ويڙهاڪن مان 80 کي ماريو ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گذريل رات ڪزرلي فوجي ڪئمپ طرف درجنن جي تعداد ۾ ٽرڪ ويندا ڏٺا ويا، جن ۾ سوين طالبان سوار هئا، جڏهن ته افغان فوجين ۽ طالبان ويڙهاڪن وچ ۾ ويڙهه ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهي، جڏهن ۾ ٻئي طرفن کان وزني هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو، اکين ڏٺن شاهدن جو اهو به چوڻ آهي ته افغان فوج پنهنجي فضائيه کان مدد ورتي هئي پر افغان دفاع واري وزارت جي ترجمان ان باري ۾ ڪجهه نه چيو، واضح رهي ته افغانستان جو صوبو قنڌار ماضي ۾ طالبان جو اهم ترين مرڪز ۽ اڻ اعلانيل گادي وارو هنڌ به رهيو آهي، جنهن جي اڪثر حصي تي اڄ تائين طالبان جو ڪنٽرول آهي، خاڪريز اتان جي انهن ڪجهه ضلعن ۾ شامل آهي، جتي افغان حڪومت جو ڪنٽرول آهي، جڏهن ته اهڙن هنڌن تي هر روز طالبان طرفان حملا جاري رهندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے