20 خميس , سيپٽمبر 2018

اوباما ڪيئر ختم ڪرڻ وارو پنهنجي ٽرمپ جي پنهنجن ئي 9 سينيٽرن ناڪام بڻائي ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سمورين اميدن تي پاڻي ڦيريندي اومابا ڪيئر بل ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. ڊونلڊ ٽرمپ جي  پنهنجي ئي پارٽي  جا 9 ميمبر اوباما ڪيئر جي حق ۽ ٽرمپ جي نئين هيلٿ ڪيئر پلان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنا. آمريڪي سينيٽ ۾ حڪمران پارٽي ريپبلڪن وٽ 52 ميمبر آهن جڏهن ته مخالف ڌر پارٽي ۽ اڳوڻي حڪمران پارٽي ڊيموڪريٽس جا 48 ميمبر آهن. اوباما ڪيئر بل رد ڪرڻ لاءِ 50 ووٽ گهربل هئا تنهن هوندي 9 ريپبلڪنز بغاوت ڪري ڇڏي ۽ اوباما ڪيئر جي حمايت ڪئي جنهن جي ڪري ٽرمپ جو نئون هيلٿ ڪيئر پلان رد ٿي ويو. بغاوت ڪندڙ ريپبلڪن ميمبر ۾ سوزان ڪولنز، بابر ڪارڪر، ٽام ڪوٽن، لنڊ سي گراهم، ڊين هيلر، مالڪ لي، جيري موران ليزا مرڪووسڪي ۽ رينڊ پال شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے