18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

وڏو وزير شهباز شريف زخمين کي گل دستن بدران دوائون فراهم ڪري: چوڌري پرويز الاهي

لاهور (ويب ڊيسڪ): مسلم ليگ ق جي سينئر اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته دهشتگردي ۾ زخمي ٿيندڙ دوائون نه ملڻ سبب فوت ٿي ويندا آهن، زخمين کي گل دستن نه دوائن جي ضرورت آهي، طبي سهولتون جي اڻهوند جو ذميدار شهباز شريف آهي، نجي ٽي وي موجب هن وڏي وزير شهباز شريف جي لاهور ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪري گلن جا گلدستا ڏيڻ تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته اسان اسپتالن کي بهتر ڪيو هيو پر شهباز شريف سرڪاري اسپتالن جو ٻيڙو نه ٻوڙيو هجين ها ته ڪيترائي زخمي بچي وڃن ها، هن چيو ته زخمين کي گلن جا گلدستان پيش ڪرڻ بدران دوائن جي فراهمي جي ضرورت آهي پر ن ليگ ملڪ کي هر طرح تباهه ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي، هن چيو ته طبي سهولتن جي اڻهوند جو ذميدار شهباز شريف آهي، ڇو ته هڪ صوبي وڏي وزير جو اختيار ۽ ذميداري آهي ته اهو ادارن کي بهتر بڻائي پر شهباز شريف اسپتالن، اسڪولن، ڪاليجن بدران ڪرپشن جي لاءِ جنگله بس ۽ نارنگي ٽرين بڻائڻ کي ترجيح ڏني، جنهن سبب دهشتگردي سان زخمي ٿيندڙن کي سهولتون جي عدم فراهمي سبب اهي پنهنجون جانيون وڃائي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ن ليگ معيشت تباهه ڪئي، عمران سرڪار ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ ترجمان سينيٽر مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته عمران خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے