23 آچر , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف جي صدارت هيٺ لاهور ۾ اهم اجلاس، سيڪيورٽي معاملن تي غور

لاهور(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ لاهور ۾ اهم سيڪيورٽي اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ لاهور ڌماڪي ۽ آپريشن رد الفساد بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. لاهور ۾ پاڪ فوج جي سربراهه قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف کي لاهور ۾ ارفع ڪريم ٽاور فيروز پور روڊ تي ڌماڪي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. آرمي چيف جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهم سيڪيورتي معاملن سميت پنجاب ۾ آپريشن رد الفساد ۾ هن وقت تائين جي ٿيل اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. آرمي چيف لاهور پهچڻ بعد جنرل اسپتال جو به دورو ڪيو جتي هن فيروزپور روڊ ڌماڪي جي زخمين سان عيادت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان جي لاهور جي رهائشگاهه ٻاهران احتجاج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) خانگي هائوسنگ سوسائٽي جي مبينا فراڊ سان متاثر ٿيل ماڻهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے