22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سعودي ۽ سندس اتحادين طرفان مبينا قطري ۽ يمني دهشتگرد ٽولن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو اعلان

رياض( ويب ڊيسڪ ) سعودي اتحادين قطري ۽ يمني دهشتگرد گروپن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.  سعودي عرب جي خابرو ايجنسي ايس پي اي موجب سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، بحرين ۽ مصر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نون فلاحي ادارن ۽ نون ٻين ماڻهن کي قطري انتظاميه سان اڻ سڌي يا سڌي طرح لاڳاپا رکڻ جي الزام سان دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 3 يمني ۽ ليبيا جي 6 تنظيمن تي القاعده ۽ شامي ٽولن سان لاڳاپن جو الزام آهي. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته قطر ۽ يمن جي ٽن ٽن، ليبيا جي ٻن ۽ ڪوويت جو هڪ شهري شام جي جبهت النصره ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي مدد لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي مهم ۾ ملوث آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے