26 اربع , سيپٽمبر 2018

سعودي ۾ اسان کي آبي زم زم ۽ شريف خاندان کي فيڪٽريون ملن ٿيون: سراج الحق

لوئر دير ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سعودي عرب ۾ اسان کي رڳو آب زم زم ملندو آهي، جڏهن ته شريف خاندان کي فيڪٽريون ملنديون آهن. لوئر دير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته نواز شريف نه پر اسان جي صبر جو پئماني لبريز ٿي رهيو آهي. هن چيو ته نواز شريف جلد گهر يا جيل ڏيندو. سندس چوڻ هو ته 435 ٻين ماڻهن ۽ پارٽين جا نالا به آيا آهن، سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي. سراج الحق چيو ته سپريم ڪورٽ کي فوري طور پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ گهرجي. هن چيو ته پاناما جي ڦورن مٿان هڪ تلوار ٽنگيل آهي. سراج الحق چيو ته پاناما اسڪينڊل نواز شريف تي الله تعاليٰ جي بي آواز لٺ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Imran Khan will continue to announce the name of the nation today

وزيراعظم عمران خان اڄ شام قوم جي نالي پيغام جاري ڪندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ سام قومي جي نالي پيغام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے