22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

لاهور ۾ ارفع ڪريم ٽاور ويجهو ڌماڪو، 26 ڄڻا مارجي ويا، 58 زخمي

لاهور(ويب ڊيسڪ) ارفع ڪريم ٽاور جي ڀرسان ڪوٽ لکپت سبزي منڊي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 58 زخمي ٿي پيا آهن، فيروز پور روڊ تي موجود ارفع ڪريم ٽاور ڀرسان سبزي منڊي ۾ ڌماڪي جي ڪري 26 ڄڻا مارجي ويا. ڌماڪي جي ڪري 58 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، تنهن هوندي جنرل اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 9 پوليس اهلڪار به شهيد ٿي ويا آهن، پوليس موجب شروعاتي طور آپگهاتي حملو لڳي رهيو آهي، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن ۾ وڌيڪ انگ پوليس اهلڪارن جو آهي، ڌماڪي بعد پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته فيروز پور روڊ کي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، پوليس شهرين کي ڌماڪي واري هنڌ کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے