21 جمعو , سيپٽمبر 2018

رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف جي فلم ’’جگا جاسوس‘‘ فلاپ ٿي ويئي

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف جي فلم ’’جگا جاسوس‘‘ فلمي شوقينن کي متاثر نه ڪري سگهي، فلم اڃا تائين صرف 46 ڪروڙ روپيه ئي بزنس ڪري سگهي. ميڊيا مطابق 100 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ سان ٺهندڙ فلم ’’جگا جاسوس‘‘ باڪس آفيس تي ديرو نه ڄمائي سگهي، 9 ڏينهن ۾ صرف 46 ڪروڙ روپين جو ئي بزنس ڪري سگهي. ياد رهي ته فلوم جي پروڊيوسرز ۾ اداڪار رنبير ڪپور به شامل آهي جنهن کي فلم جي ڪاميابي تي ڪافي اميد هئي، جڏهن ته فلم جگا جاسوس پوري دنيا ۾ به ڪو خاص بزنس نه ڪري سگهي جنهن کانپوءِ فلم لاءِ بجيٽ پورو ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو، جڏهن ته ففلم جي باڪس آفيس ۾ ناڪامي تي رنبير ڪپور ڊسٽريبيوٽرز کي پئيسا واپس ڪرڻ جو واعدو به ڪري چڪو آهي. فلم کي فلاپ ٿيڻ سان ڪترينا ڪيف جي اها لاڳيٿي چوٿين فلاپ فلم ثابت ٿيندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے