22 آچر , جولاءِ 2018

ڪرينا ڪپور جي فلم ”جب وي ميٽ“ ڏسي اداڪارا بڻجڻ جي خواهش پيدا ٿي: انوشڪا شرما

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪي اداڪارا انوشڪا شرما اعتراف ڪيو آهي ته فلم ”جب وي ميٽ“ هن جي اندر اداڪاره بڻجڻ جي خواهش پيدا ڪئي، اداڪاره انوشڪا شرما پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته فلم جب وي ميٽ اها فلم آهي جنهن هن جي اندر اداڪاره بڻجڻ جي خواهش پيدا ڪئي، فلم ۾ اهي ڪردار جيڪي اداڪارا ڪرينا ادا ڪيا گهڻا پسند آيا ۽ گهڻو متاثر ٿيس ۽ مون سوچي ورتو ته آئون به بطور اداڪاره باليووڊ جو حصو بڻجنديس، مونکي خوشي آهي ته منهنجو هي خواب پورو ٿي ويو ۽ جنهن شعبي ۾ اچڻ چاهيندي هئس انهي جو حصو بڻجي ويس ۽ هاڻي پوري دنيا ۾ منهنجا چاهيندڙ ماڻهو موجود آهن، هن چيو ته هو محنت سان فلمي سفر جاري رکندي، انوشڪا جي فلم ’’جب هيري ميٽ سجل‘‘ 4 آگسٽ تي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Do not be afraid of the propaganda of the opponents, always worked on the mirror: Saeed Imtiaz

مخالفن جي پروپيگنڊا کان ڊڄڻ واري ناهيان، سدائين ميرٽ تي ڪم ڪيو آهي: سعيده امتياز

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل سعيده امتياز چيو آهي ته مخالفن جي پروپيگينڊا کان ڊڄڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے