23 آچر , سيپٽمبر 2018

آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ٽرڪ مان 8 لاش هٿ

ٽيڪساس (ويب ڊيسڪ): آمريڪا جي ڏاکڻي رياست ٽيڪساس جي شهر اونٽونيو ۾ ڊپارٽمينٽنل اسٽور ٻاهر بيٺل ٽرڪ مان پوليس کي 8 لاش ۽ ڏيڍ درجن کان وڌيڪ ماڻهو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مليا آهن، جنهن ٽرڪ مان لاش هٿ آيا اها والمارٽ نالي ڊپارٽمينٽل استور جي پارڪنگ ۾ بيٺل هئي، جتي اسٽور جي ملازم ٽرڪ ڏسڻ بعد پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي ٽرڪ مان 8 لاش هٿ ڪري وڌيڪ ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، پرڏيهي خابرو اداري سان اونٽونيو پوليس جي سربراهه وليم ميڪ مينس جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پوليس اسٽور ملازم جي اطلاع تي پهتي، جتي هڪ ٽرڪ مان 8 لاش هٿ ڪيا ويا، پوليس مطابق ٽرڪ جو ايئر ڪنڊيشن خراب هيو، جنهن سبب اهو حادثو پيش آيو، ٽرڪ مان ڏيڍ درجن کان وڌيڪ ماڻهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس مطابق ٽرڪ ۾ ماڻهن جي فوتگي ۽ مجودگي بابت اڃا ڪا رپورٽ سامهون ناهي آئي، جڏهن ته انساني اسمگلنگ جي حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ۾ داعش سان تعلق هئڻ جي شڪ ۾ برطانوي ڊاڪٽر گرفتار

دمشق ( ويب ڊيسڪ ) شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش سان واسطو رکڻ جي …

هڪ تبصرو

  1. آمريڪا به پاڪستان ٿي ويو آهي، هِتي ٻوري بند لاش اُتي ٽرڪون بند لاش

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے