22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي آپريشن دوران نوجوان شهيد، 4 گرفتار

سرينگر (ويب ڊيسڪ): والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج آپريشن دوران ڪشمير نوجوان کي شهيد ۽ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج ڪپواڙه جي علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪندي هٿين خالي ڪشميري نوجوان کي درانداز قرار ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو، ڀارتي وليس دعويٰ ڪئي ته ڪنٽرول لائين تي عسڪريت پسند دراندازي جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ان دوران جهڙپ ۾ نوجوان مارجي ويو، هوڏانهن ڀارتي پوليس سرينگر ۾ ڪريڪ ڊائون ڪندي 4 ڪشميري نوجوانن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس ناڪي تي تلاشي جي بهاني هڪ ڪار کي روڪيو ۽ ان ۾موجود نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو، قابض فورسز چئني  نوجوانن تي عسڪريت پسند هئڻ ۽ انهن جي قبضي مان هٿيار هٿ اچڻ جي دعويٰ به ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے