22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

چين ۾ مسلمانن کي موبائل ۾ ”سرويليئنس ايپ“ ڊائون لوڊ ڪرڻ جي هدايت

بيجنگ (ويب ڊيسڪ): چين مسلم اڪثريتي صوبي سنڪيانگ ۾ مسلمانن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي موبائل فونز ۾ ”سرويليئنس ايپ“ ڊائون لوڊ ڪن، ٻي صورت ۾ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ريڊيو فري ايشيا جي رپورٽ مطابق چين جي حڪومت مسلم اڪثريتي صوبي سنڪيانگ ۾ نگراني جو عمل وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مسلمان شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي موبائل فونز ۾ نگراني جي لاءِ خاص طور تيار ڪيل ايپليڪيشن ”جنگ وانگ ايپ“ انسٽال ڪن، عملدار سنڪيانگ جي گادي واري هنڌ ارومچي سميت ٻين علائقن ۾ شهرين جي چيڪنگ ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي موبائل فونز ۾ ڄاڻايل ايپ نه هئڻ جي صورت ۾ خصوصي ڪيو آر ڪوڊ ذريعي ايپليڪيشن انسٽال ڪري رهيا آهن، چيني حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق اها ايپليڪيشن موبائل فون ۾ موجود دهشتگردي يا غير قانوني مذهبي وڊيوز، تصويرن، ڪتابن ۽ ٻئي مواد جي موجودگي جو پتو لڳائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جنهن شخص جي موبائل ۾ اهڙو ڪو مواد موجود هوندو، انهن کي هدايتون ڏنيون وينديون ته اهي پنهنجي موبائل مان اهو مواد ختم ڪري ڇڏين، چيني عملدارن جو چوڻ آهي ته جيڪو شخص ان ايپليڪِشن کي انسٽال نه ڪندو يا ڪرڻ بعد ان کي ڊليٽ ڪندو، ان کي 10 ڏينهن لاءِ جيل اماڻيو ويندو، خيال رهي ته سنڪيانگ جي آبادي تقريبن 8 ڪروڙ آهي، جڏهن ته هتي ترڪ نسل جا ايغور مسلمان رهندا آهن، هلندڙ سال مارچ ۾ به عملدارن سنڪيانگ ۾ وڏي ڏاڙهي رکڻ ۽ نقاب پائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي، جڏهن ته جن شهرين جي موبائل فون تي غير ملڪي ايپليڪيشنز جهڙوڪ واٽس ايپ وغيره موجود هيا، انهن جا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے