26 اربع , سيپٽمبر 2018

برطانوي عورت نقاب کان منع ڪرڻ تي اسڪول انتظاميا تي ڪيس ڪري ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ): برطانوي گادي واري شهر لنڊن ۾ مسلمان عورت نقاب پائڻ کان منع ڪرڻ تي ڌيءَ جي اسڪول انتظاميا تي ڪيس ڪري ڇڏيو، راشده سروغ پنهنجي ڌيءُ جي ”هولينڊ پارڪ اسڪول لنڊن“ جي انتظاميا خلاف امتيازي سلوڪ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، اسڪول ۾ نون شاگردن جي والدين جي اعزاز ۾ تقريب ٿي، جنهن ۾ حجاب پهريل عورت راشده به شرڪت ڪئي، پر اسڪول انتظاميا ان کي نقاب لاهڻ جو حڪم ڏنو، انتظاميا جا ماڻهو کيس هڪ ڪمري ۾ وٺي ويا ۽ چيو ته اسڪول ۾ نقاب پائڻ جي اجازت ناهي، ٻي صورت ۾ اوهان واپس هليون وڃو، راشده چيو ته ان کي ان حڪم تي سخت صدمو پهتو آهي، هن ٻڌايو ته نقاب پائڻ تي لنڊن جي گهٽين ۾ ماڻهن ان کي برو ڀلو به چيو آهي ۽ گاريون به ڏنيون آهن پر اسڪول ۾ پڙهيل لکيل ۽ پاڻ کي مهذب چوندڙ ماڻهن جي رويي تي کيس وڌيڪ افسوس ٿيو آهي، جنهن سبب هن قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ ”سالياني عام بحث“ جي شروعات

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي واري اجلاس ۾ اڄ کان”سالياني عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے